ميڊيا هائوسز تي حملو ڪيس، ايم ڪيو ايم اڳواڻ عدالت ۾ پيش

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ميڊيا هائوسز تي حملي ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن فاروق ستار، عامرخان، شاهد پاشا،  رئوف صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته ڪنور نويد جميل پيش نه ٿيو. عدالت ۾ شاهد انسپيڪٽر اورنگ زيب به پيش ٿيو عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ساڳي عدالت ۾ چڙڏيايندڙ تقريرواري ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڪو به جوابدار پيش نه ٿيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25سٽمپيبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن ۽ شاهدن جي حاضري کي يقني بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.