10 منٽن جي برسات حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي: حليم عادل

ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنو) سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ برسات دوران  نيو ڪراچي، گارڊن، لياقت آباد سميت ٻين علائقن جو دورو ڪيو مختلف هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن  ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته ڪراچي ۾ ڏهن منٽن جي پوندڙ برسات سنڌ حڪومت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، نااهل وزير اعليٰ سنڌ، ۽ رجيڪٽڊ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي رڳو شاهراه فيصل تي فوٽو سيشن ڪري عوام کي بي وقوف بڻائي رهيا هئا ته ڪراچي ۾ ڪٿي به پاڻي بيٺل نه آهي،ھن چيو ته  نيو ڪراچي جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن خميسو ڳوٺ سميت آس پاس وارا علائقا  پاڻي هيٺ آهي ، لياقت آباد انڊر پاس سميت ٻين علائقن ۾ برساتي پاني بيٺل آهي جنهن جي ڪري ٽريفڪ جي روانگي کي تمام گهڻي ڏکيائي ٿي رهي آهي، هن چيو ته ڪراچي جا واپاري به ڪافي ڏينهن کا احتجاج ڪري رهيا آهن سنڌ حڪومت جو ڪوبه وزير احتجاجي ڪئمپ تي نه ويو آهي ڪراچي ۾ 363 منشيات جا اڏا پوليس سرپرستي هيٺ هلي رهيا آهن پر پوليس بند ڪرائڻ جي  دڪاندارن کان منٿيون وٺڻ ۾ رڌل آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.