والاريل ڪشمير ۾ ڪرفيو جي باوجود سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز

سرينگر (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون  ڪشمير ۾ ڀارتي قابض انتظاميه طرفان سخت ڪرفيو جي نفاذ ۽ وڏي انگ ۾ ڀارتي فورسز جي مقرر جي باوجود ڪشميرين سرينگر ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ باباءِ حريت سيد علي گيلاني جي  غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق گروپن جي شڪل ۾ ماڻهن سرينگر جي علائقي قمرواري، تلبل ۽ ڄمون ڪشمير جي ٻين علائقن ۾ گڏ ٿي ڪشمير جي مزاحمتي تحريڪ جي عظيم اڳواڻ جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪئي. قمرواري ۾ صدائي مظلوم ڄمون ڪشمير هڪ احتجاجي مظاهرو به ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.