وزيراعظم انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪارڊ جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪارڊ جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهولتن جي کوٽ، عملي جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون.

چين:ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر 15 ڄڻا فوت

بيجنگ (م ڊ)چين جي صوبي هيلونگ جيانگ جي شهر ڪتائي ۾ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا فوت ۽ هڪ  زخمي ٿي پيو. چيني سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق چين جي پبلڪ سيڪيورٽي وزارت جي عملدارن ٻڌايو ته حادثي کان پوءِ جاچ لاءِ ٽيم کي واقعي واري هنڌ روانو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.