امدادي سامان جي آمد، ڪابل ايئرپورٽ ٻيهر کوليو ويو

اسلام آباد (اي پي پي) قطر ۽ ترڪيءَ جي تعاون سان ڪابل ايئرپورٽ عالمي اڏامن جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي. پي ٽي وي موجب طالبان  سول ڪم ۽ تعمير ۽ مرمت جڏهن ته قطر ۽ ترڪيءَ ايئرپورٽ کي عالمي اڏامن جي لاءِ تيار ڪرڻ ۾ فني خدمتون فراهم ڪيون. رن ويز جي مرمت پڻ مڪمل ٿي چڪي آهي. قطري اعليٰ سفارتڪارن ۽ طالبان پڻ ايئرپورٽ جي تيار ٿيڻ جي تصديق ڪئي. عالمي هوابازي جا قانون پورا ٿيڻ ۽ اجازتنامو ملڻ کانپوءِ ڪابل ايئرپورٽ تان عالمي اڏامون شروع ٿي وينديون. في الحال عام مسافر فائدو نه کڻي سگهندا.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز۽ حمزه جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور)م ڊ) احتساب  عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه جي عبوري  ضمانت ۾ 25 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.عدالت ايف آءِ اي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جلد کان جلد جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران شهباز شريف روسٽرم تي آيو ۽ بيان ڏنو ته هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ناهي ڪئي. ايف آءِ اي به ڪوڙو ڪيس ٺاهيو. شهباز شريف عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن به ايف آءِ اي مون کي گهرايو پيش ٿيس. عدالت اپوزيشن اڳواڻ کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن نيب جو ڪيس به آهي ته اوهان ان معاملي کي اعليٰ عدالت ۾ چئلينج ڪري سگهو ٿا جنهن تي شهباز شريف چيو ته ان معاملي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان. عدالت جاچ مڪمل نه ٿيڻ تي ايف آءِ اي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻن مهينن ۾ اوهان صرف چار لائنون لکيون آهن. ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ ٽيم جو سربراهه ڊاڪٽر رضوان پاڻ پيش ٿئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.