بلاول، شهباز رابطو، ميڊيا اٿارٽي ،صدر جي خطاب بابت گڏيل موقف تي اتفاق

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي،رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي، ٽيليفون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون  ڪيون، ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون، ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن لاءِ پنجاب ۾ احسن محبوب، راجا عامر خان ۽ ڊاڪٽر سيد پرويز عباس جي نالن تي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن دعويٰ ڪندي چيو آهي ته خيبر پختونخوا مان جسٽس (ر) اڪرام الله خان، فريد الله خان، مزمل خان جا نالا به مشارت هيٺ آيا، جڏهن ته جڏهن ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ڪندي احتجاج جي آخري حد تائين وڃڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ذريعن موجب ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب تي پنهنجو گڏيل موقف پيش ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم مان نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻنهي پارٽين وچ ۾ لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا پر شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي دوري دوران پيپلز پارٽي کي هڪ سياسي حقيقت قرار ڏنو هو هوڏانهن بلاول چيو ته تبديلي سرڪار 20 هزار ملازمن کي فارغ ڪيو آهي،اهي عوام کان ماني به کسي رهيا آهن  پ پ ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿي، هن جيالن کي چيو ته ايندڙ وقت اوهان جو آهي، پ پ حڪومت ۾ ايندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.