جنگ سٽيل افغانستان ۾ غذائيت جو بحران آهي: گڏيل قومون

نيويارڪ  (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان ۽ 7 ٻين ملڪن جو افغانستان ۾ گڏيل قومن جي جاري  ڪارروائين ۾ سهڪار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو آهي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ بريفنگ ۾ انتونيو جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ چيو ته وڏي انساني بحران جو شڪار افغانستان ۾ گڏيل قومن جون ڪارروائيون بدستور جاري آهن. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن جي عملدارن خبردار ڪيو آهي ته جنگ سٽيل ملڪ کي غذائي عدم تحفظ ۽ غذائيت جو بحران درپيش آهي. آبادي جو تقريبن ٽيون حصو جيڪو 12 ملين کان وڌيڪ افغان شهري شديد غذائي عدم تحفظ جوشڪار آهن ۽ خدشو آهي ته ڏڪار سان انهن جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.