پنجشير ۾ ويڙهه، طالبان جون دعوائون، آءِ ايس آءِ سربراهه ڪابل پهچي ويو

ڪابل (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سينيئر پاڪستاني اختيارين جي وفد سان گڏ ڪابل پهچي ويو.ذريعن موجب دوري دوران پاڪستاني اختياريون طالبان قيادت سان پاڪ افغان  سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهائينديون، ذريعن مطابق مختلف ملڪن ۽ عالمي تنظيمن پاڪستان کي درخواست ڪئي آهي ته اهو پنهنجي ملڪ ۾ مهاجرن جي منتقلي ۽ پاڪستان ذريعي ٽرانزٽ جي اجازت ڏئي، جنهن لاءِ هڪ ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ افغانستان جي موجوده اٿارٽيز سان رابطو آهي، ذريعن موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ جي دوري ۾ سرحد جي موثر انتظام ڪاري تي به ڳالهيون ٿينديون خاص طور تي افغان شهرين بابت جيڪي روزاني جي بنياد تي سرحد پار ڪن ٿا ذريعن جو چوڻ آهي ته اولهه جي ميڊيا ۾ هلندڙ پناهگيرن جي وڏي انگ ۾ آمد ۽ دٻاءُ جون خبرون غلط آهن.ٻي پاسي طالبان ترجمان بلال ڪريمي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن نئين حڪومت بابت تاريخ جو نه ڪيو، نئين حڪومت جو اعلان جلد ڪنداسين.سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجشير وادي جي اولهه وارو حصو اڳ ئي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو آهي جڏهن ته ان وادي جي اوڀر وارا علائقا به اسان جي ڪنٽرول ۾ آهن.هن چيو ته افعانستان جي وڏي ضلعي پريان ۾ امن بحال ڪري چڪا آهيون، وادي گڏيل طور تي طالبان جي گھيري ۾ آهي.سندس چوڻ هو ته ڪاپيسا جي رستي انابه ضلعي تي به اسان جو ڪنٽرول آهي، مخالفتن کي وڏو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته طالبان محفوظ آهن، هوڏانهن پنجشير ۾ طالبان ۽ مزاحمتي تحريڪ وچ ۾ چڪريون جاري آهن، تحريڪ جي ترجمان فهيم دشتي چيو ته پهاڙ تي ڌماڪي سبب دشت ريوت جي علائقي ۾ طالبان کي پٺيان کان گهيري ۾ آندو ويو آهي، طالبان جون سموريون گاڏيون ۽ سامان پوئتي ڇڏيو ويو آهي، علائقي ۾ سخت چڪريون جاري آهن، خاواڪ ڪراسنگ به ڪٽجي چڪي آهي، ٻئي پاسي افغانستان جي اڳوڻي نائب صدر امر الله صالح چيو آهي ته هو پنجشير ۾ ئي موجود آهي، ملڪ ڇڏي ڪيڏانهن به ناهي ويو، بي بي سي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته منهنجي ملڪ ڇڏڻ جا اطلاع مڪمل طور تي بي بنياد آهن، هن چيو ته اسان طالبان، ان جي القاعده اتحادين، خطي ۽ ٻاهر کان موجود دهشتگرد گروپن ۽ هميشه وانگر کين پاڪستان جي پٺڀرائي جي حملن جي زد ۾ آهيون، اسان مزاحمت ڪريون پيا، هن چيو ته مزاحمت هٿيار ڦٽا نه ڪندي، هوڏانهن طالبان فورسز پنجشير جي ڪجهه علائقن ۾ داخل ٿي ويون آهن، انهن انابا ضلعي جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي ڪابل ۾ ايڪسچينج ۽ ڪرنسي ايڪسچينج مارڪيٽ کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي، هوڏانهن طالبان اڳواڻ شير محمد ستانڪزئي پنهنجي وفد سان گڏ قطر ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پاڪستاني وفد سان ملاقات ڪئي آهي، طالبان ترجمان چيو ته ان ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين موجوده افغان صورتحال، انساني امداد، گڏيل دلچسپي ۽ احترام تي ٻڌل ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، هوڏانهن ڪابل ۾ صحافي ڊي جي آءِ ايس آءِ کان سوال ڪيو ته توهان کي ڇاٿو لڳي افغانستان ۾ هاڻي ڇا ٿيندو؟ جنهن تي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته ڳڻتي نه ڪريو، سڀ سٺو ٿيندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.