وزيراعظم ناڪامي ۽ نااميدي واريون ڳالهيون پيو ڪري: سراج الحق

 لاهور (پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته  پردو دنيا جي ترقي ۾ روڪاوٽ نه پر عورت جو زيور ۽ تاج آهي.  تهذيبي ڪشمڪش ۾ مسلمان عورت جي مٿان وڌيڪ ذميواري عائد ٿئي ٿي، لاهور ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته  الله سائين جو شڪر آهي ته دنيا ۾ پردي جو ڪلچر عام ٿي رهيو آهي. اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي مغرب جي حوالي ڪرڻو آهي يا نبي مهربان ﷺ جي سيرت مطابق ٺاهڻو آهي، هن چيو ته مسلمان عورت لاءِ آئيڊيل حضرت خديجه ۽ حضرت فاطمه الزهرا رضي الله تعالي عنهما آهن. مغرب عورت کي رانديڪو ٺاهي ڇڏيو آهي. اسلام عورت کي بلند مرتبي ۽مقام تي فائز ڪيو آهي. پاڪستان جي نظريي مٿان حملا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته وزير اعظم ناڪامي ۽ نا اميدي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ان مڃي ورتو آهي ته تبديلي آڻڻ ان جي وس جي ڳالهه نه آهي. مديني جي رياست جي نالي تي قوم کي دوکو ڏنو. سراج الحق مارئرن ، ڀينرن ڌيئرن کي اپيل ڪندي چيو ته جماعت اسلامي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي حياء جي ڪلچر کي عام ڪن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.