عطاءُ الله مينگل جو ڏيکاريل رستو نه ڇڏينداسين: اختر مينگل

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته خبر ناهي ته اسان سردار عطاءُ الله مينگل جو مشن يا مقصد تي پورو لهنداسين يا نه، البته هن جي ڏيکاريل رستي کي نه ڇڏينداسين، گهڻي ڪوشش ڪئي ته سردار عطاءُ الله مينگل پنهنجي آتم ڪٿا لکي پر کيس راضي ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين، وڍ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو چوندو هو ته بائيوگرافي ۾ سچ لکڻو پوندو ۽ ڪوڙ مون کي ڳالهائڻ نٿو اچي، هن چيو ته سردار عطاءُ الله مينگل ملڪي سياست کان مايوس ٿي چڪو هو، سردار عطاءُ الله مينگل جي تدفين هن جي وصيت مطابق ڪئي وئي، سندس وصيت هئي ته کيس اتي دفنايو وڃي جتي نوري نصيرخان جي ڪئمپ هئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.