جيئي سنڌ محاذ پاران ڌاري آبادڪاري خلاف اڄ مظاهرن جو سڏ

حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ محاذ پاران 5 سيٽمبر 2021ع (اڄ) تي افغاني پناھگيرن جي آمد ۽ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف سنڌ ۾ احتجاجي  مظاھرا ڪيا ويندا. اسلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ ضلعي حيدرآباد طرفان قائم مقام چيئرمين ھاشم کوسي جي اڳواڻي ۾ صبح جو 11:30 وڳي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو، ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جي جنرل سيڪريٽري امداد سنڌيءَ جي اڳواڻي ۾ منجھند جو 3 وڳي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو. جڏھن ته ميرپور خاص ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ظھور لغاري،  قمبر ۾ رابطا سيڪريٽري نورسولنگي، اوٻاوڙو ۾ مجيد جوڻو، خيرپور ميرس ۾ بشير شاھ ۽ ياسين سنڌي، مورو ۾ منظور خاصخيلي، ميھڙ ۾ ممتاز لاکير ۽ وريام سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي قائم مقام چيئرمين ھاشم کوسي چيو ته سنڌ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌاري آبادڪاريءَ جو بوجھ برداشت ڪري رھي آھي، افغانستان جو موجوده صورتحال جي ذميوار سنڌ ناھي ان ڪري افغان پناھگير جو بار اھي طاقتون برداشت ڪن جيڪي ان جون ذميوار آھن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.