ڪورونا 79 حياتيون کسي ورتيون، ٽي هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس

اسلام آباد (م د) اين سي او سي  موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 79 مريض فوت ٿي ويا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 64 هزار 53 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن مان 3 هزار 980 ڪورونا جا نوان ڪيسز  سامهون آيا آهن جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 6.21 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس وگهي 79  فوتگيون ٿيون آهن.  ان سان گڏ ئي ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 114 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته ڪورونا ڪيسز جو گڏيل انگ 11 لک 75 هزار 558 ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.