ڪراچي ۾ ڪٿي به برساتي پاڻي بيٺل ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪالهه شهر جي مختلف علائقن گلشن اقبال  پراڻي سبزي منڊي، اسٽيڊيم روڊ، اسڪوائر جو دورو ڪيو. ان موقعي مختلف علائقن ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي عملو روڊن تان پاڻي ڪڍڻ واري ڪم ۾ مصروف آهي گذريل ٻن ڏينهن کان اسان شهر جي روڊن تي آهيون ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪراچي وارن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي. هن چيو ته شهر ۾ ٻن ڏينهن اندر رڪارڊ برسات پئي آهي پر ان جي باوجود وقت سر قدم کڻڻ سبب روڊن تي گهڻو پاڻي ناهي بيٺو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ برسات جو پاڻي ڳولڻ لاءِ شهر ۾ نڪتا هئا پر کين برسات جو پاڻي نه مليو، هوڏانهن  بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته بلديه عظميٰ ڪراچي ۽ آئل ڪمپنين جي ڀائيواري سان اي ٽڪيٽنگ سسٽم شروع ڪيو ويندو، سي آر شراڪت تحت ذوالفقار آباد آئل ٽرمينل کي جلد تعمير ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.