ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات، 5 ماڻهو فوت، ٽريفڪ جام، مختلف علائقا پاڻي هيٺ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن کان هلندڙ وقفي وقفي سان برسات جي ڪري روڊ رستا تلاءُ جو ڏيک ڏيڻ لڳا، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 5 ماڻهو  حياتيون وڃائي ويٺا. گذريل رات کان وقفي وقفي سان جاري برسات شهر جا هيٺانهن علائقن کيپاڻي هيٺ آڻي ڇڏيو. مختلف علائقن ۾ روڊ پاڻي سان ڀرجي وڃڻ ڪري گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون خراب ٿيڻ ڪري شهرين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. شاهراهه فيصل، ايم اي جناح روڊ، بلوچ ڪالوني ايڪسپريس وي، جوهر موڙ، نيپا پل، سفاري پارڪ، لياقت آباد، گرو مندر، ڪالا بورڊ، ملير هالٽ، سرجاني، ناگن چورنگي، حيدري، گارڊن، ڊفينس، ڪلفٽن، صدر، لياري، شير شاهه ۽ ٻين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. هوڏانهن ڪراچي جا پوش علائقن ڊفينس جا روڊ رستا به پاڻي هيٺ اچي ويا، ڊي ايچ اي فيز 2 ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو.  اهم شاهراهن تي ٽرئفڪ جام رهي. جڏهن ته برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻارڙي سوڌو 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪلفٽن شاهه رسول ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ گهر جي ٻاهر راند کيڏندڙ 4 سالن جي تانيه دم ڏئي ڇڏيو، لياقت آباد ۾ 50 ورهين جو صابر، لائيٽ هائوس جي چپل گهٽي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ساجد لوڌي ۽ بلديا جي علائقي ۾ ياسين ڪرنٽ لڳڻ سبب موت جي ور چڙهي ويو. واضح رهي ته ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ نجي اسڪولز بند آهن ، جڏهن ته انٽر بورڊ جا ٿيڻ وارا امتحان ۽ پريڪٽيڪل به ملتوي ڪيا ويا آهن، جنهن جي نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. موسميات کاتي موجب پي اي ايف بيس تي 6، يونيورسٽي روڊ 2.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. اولڊ ايئرپورٽ، جناح ٽرمينل، نارٿ ناظم آباد، ناظم آباد م قائد آباد، پي ايف بيس مسرور وارن علائقن ۾ تيز برسات ٿي. جڏهن ته شهر  ۾ ڪي اليڪٽرڪ موجب 190 فيڊر متاثر ٿيا. ٻي پاسي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب  شهر جي مختلف علائقي جو دورو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.