چاهيون ٿا ته طالبان امن لاءِ پارٽنر بڻجن: جنرل(ر) احسان الحق

اسلام آباد(م ڊ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) احسان الحق چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ بدلي جي نيت سان آيو،  نيڪالي جي رٿا دوحا معاهدي کان گهڻو اڳ بڻجي چڪي هئي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملٽري ٽريڪس هوا ۾ ناهن بڻايا ويندا، اسان فيصلو ڪيو ته افغانستان تي قبضو قبول نٿا ڪريون، اسان کي طالبان کان اهڙو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اتي ڏڦيڙ پکڙجي،1979ع ۾  آمريڪا چيو ته روس مداخلت نه ڪندو، آمريڪا چاهي پيو ته روس افغانستان ۾ اچي، اسان فيصلو ڪيو ته روس جي فوج کي واپس وڃڻ گهرجي، هن چيو ته آمريڪي فوج جي ڪجهه ماڻهن کي خبر هئي ته افغانستان ۾ فوجي حل ناهي، هن چيو ته طالبان امن لاءِ ڪوششون ڪندا هئا اهي ماڻهو ناڪام بڻائي ڇڏيندا جن ۾ امرالله صالح شامل آهن، هن چيو ته آمريڪا ۾ نائن اليون کانپوءِ هڪ مائينڊ سيٽ جڙيو، آمريڪا ۾ ڪوشش هئي ته طالبان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿين، اسان چاهيون ٿا ته طالبان امن آڻڻ ۾ اسان جا پارٽنر بڻجن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.