ڪراچي سعيد آباد ۾ شهري جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪراچي(رپورٽر) سعيد آباد ٿاڻي جي پوليس کي بلديه ٽائون جي سڄڻ ڳوٺ مان 71 ورهين جي رحمت الله جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي جنهن کي سول اسپتال ڪراچي  منتقل ڪيو ويو آهي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي تحقيقات جاري آهي.

پاڪ بحريه يوم دفاع تي خاص نغمي ”دل خوش هوا“ جو پرومو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اي پي پي) پاڪ بحريه يوم دفاع ۽ پاڪستان جي موقعي تي جاري ٿيندڙ خاص نغمي ”دل خوش هوا“ جو پرومو جاري  ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان مطابق پاڪ بحريه جو اهو نغمو وطن جي جانثارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، نغمي ۾ يونيفارم سان جڙيل فرض ۽ قرض جي احساس ذميداري ۽ شهادت جي لازوال جذبي جي بهترين عڪاسي ڪئي وئي آهي. پاڪ بحريه جي ترجمان مطابق اهو نغمون ٽن يارن جي ڪهاڻي آهي جيڪي گڏيا ۽ پوءِ شهادت به انهن کي جدا نه ڪري سگهي. ان نغمي جو اهو پيغام آهي ته فرض جي راهه ۾ شهادت جو سفر پڄاڻي ناهي پر پاسباني جي نئين سفر جي شروعات آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.