فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ پرعزم بيٺل آهي: آرمي چيف

اسلام آباد (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ پرعزم بيٺل آهي، آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير عبدالقيوم نيازي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي آرمي چيو ته ڪشميري عوام جي ڀرپور حمايت جاري رکنداسين، جڏهن ته آرمي چيف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي اهم صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

گڏيل قومن پاران افغانستان لاءِ 13 سيپٽمبر تي ڪانفرنس جو اعلان

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس 13 سيٽپمبر تي افغانستان لاءِ امداد جي حوالي سان هڪ اعلى سطحي ڪانفرنس لاءِ جنيوا ويندو. فرانسيسي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق انتونيو گوتريس جي ترجمان سٽيفن ڊوجارڪ هڪ بيان جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ انساني همدردي جي بنيادن تي امداد جي فنڊنگ ۾ اضافي لاءِ اپيل ڪئي ويندي ته جئين ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته افغانين کي انهن جي ضروري شين ۽ امداد ملندي رهي.

سنڌ ۾ ڪورونا جا 11 مريض فوت، 990 نوان ڪيس

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس ۾ مبتلا وڌيڪ 11 مريض فوت ٿي ويا جڏهن ته 990 نوان ڪيس پڻ رپورٽ ٿيا ۽ 587 ڄڻا صحتياب ٿي پنهنجي گهران ڏانهن روانا ٿي ويا  آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 587 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن هن وقت 48354 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 47474 گهرن ۾، 40 آئيسوليشن سينٽرز ۾ ۽ 840 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جن مان 744 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.