مدئجي: 4 مقتولن جي تدفين، علائقي ۾ ڏهڪاءُ

مدئجي(ن ع آ) مدئجي ويجهو ڳوٺ پنهور پليجا ۽ ڳوٺ عيدن بروهي جي رهواسي پنهور۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين وچ  ۾ هلندڙ پراڻي  تڪرار تان بروهي برادري جا 4 ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا هئا هڪ زخمي، زخمي ۽ مقتولن جا لاش تعلقي اسپتال منتقل،خوني تڪرار ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو، ابراهيم بروهي، منظور بروهي ، رياض بروهي، شريف بروهي موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته احسان بروهي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو چئني مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي پوليس پهري هيٺ ڳوٺ پهچايا ويا،هوڏانهن ٻنهي ڌرين وچ ۾ 7 سالن کان هلندڙ پراڻي تڪرار تان هن مهل تائين ٻنهي ڌرين جا عورت سميت 9 ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن،واقعي بابت اسپتال ۾ موجود مقتول ابراهيم بروهي جي والد ٻڌايو ته نوجوان ڳوٺ ٻاهران مڇي جي تلاءَ تي ويهي موبائيل فون هلائي رهيا هئا ته پنهور برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني ٻئي طرف چئن ڄڻن جي مارجڻ بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي ۽ وڌيڪ خونريزي جو خطرو اڻٽر ٿي ويو آهي،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.