حڪومت جون مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جون دعوائون ڌوڙ

اسلام آباد (م ڊ) حڪومت  پاران مهانگائي تي  ڪنٽرول ڪرڻ جي قدمن ۽ اعلانن جي باوجود سموري ملڪ ۾ مهانگائي لاڳيتو وڌي رهي آهي. شماريات کاتي طرفان  مهانگائي جي هفتيوار رپورٽ  جاري ڪئي وئي آهي جنهن موجب هلندڙ هفتي به مهانگائي جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي کنڊ، اٽو، ڪڪڙ، ٿوم، گوشت، ڪوڪنگ آئل ۽  گيهه سميت 17 شين  جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. شماريات کاتي موجب زنده مرغي جي في ڪلو گوشت جي قيمت ۾23 روپيه 18 پئسن جو اضافو ٿيو جنهن سبب  ڪڪڙ جي في ڪلو گوشت جي قيمت 199 روپيه 20 پئسا في ڪلو، کنڊ هڪ روپيو 76 پئسا في ڪلو وڌيڪ مهانگي ٿي. جنهن کان پوءِ کنڊ جي قيمت 107 روپيه 41 پئسن تي پهچي وئي آهي.رپورٽ موجب هلندڙ هفتي اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 27 روپيه 14 پئسا مهانگو ٿيڻ کان پوءِ 1164 روپيه 22 پئسن جو ٿي ويو. مسور جي دال 7 روپيه 22 پئسا، گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ 3 روپيه 18 پئسا، بصر 3 روپيه 18 پئسا ۽ ٿوم 13 روپيه 81 پئسا في ڪلو مهانگا ٿيا. جڏهن ته بيضا 5 روپيه 15 پئسا في درجن وڌيڪ مهانگا ٿيا.شماريات کاتي موجب هلندڙ هفتي 8 عام واهپي جون شيون جنهن ۾ ٽماٽا 89 پئسا في ڪلو، ڪيلا في درجن 4 روپيه 62 پئسا، مڱن جي دال 2 روپيه 63 پئسا ۽ پٽاٽا 28 پئسا في ڪلو سستا ٿي ويا. انگن اکرن موجب هلندڙ هفتي 26 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. جڏهن ته هفتيوار مهانگائي جي گڏيل شرح 12.53 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.