موري ۾ ناري اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت، هڪ قتل 2 زخمي

مورو رپورٽر (رپورٽ: شاھنواز ڀٽي)مورو شھر جي گچيرو روڊ وٽ سڱاوتي تڪرار تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو ناري حنا سولنگي کي اغوا جي ڪوشش مزاحمت ڪرڻ تي ھڪ ڄڻو مارجي ويو جڏھن ته ٻه  ڄڻا زخمي ٿي پيا، شرف الدين سولنگي مارجي ويو  جڏھن ته زخمين ۾ لياقت سولنگي ۽ سندس پٽ ببلو سولنگي شامل آھن زخمين کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو آھي جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد نوابشاء منتقل ڪيو ويو، جھيڙي ۾مارجي ويل جو لاش جھيڙي واري جڳھه تي دير تائين پيل هو جڏھن ته فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو، مورو پوليس اطلاع ملڻ باوجود روايتي ڪردار ادا ڪندي دير سان پھتي،فائرنگ سبب علائقي ۾ سخت خوف هراس پکڙجي ويو،مقتول شرف الدين سولنگي جي لاش جو پوليس  پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو،مقتول جو لاش گھر ۾ پھچڻ شرط روڄ راڙو شروع ٿي ويو،آخر اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.