آرمي چيف عمران حڪومت جي 5 سال مدي جو حامي آهي: روئوف ڪلاسرا

ڪراچي (م ڊ) نامياري صحافي ۽ تجزئي نگار رئوف ڪلاسرا ڪجهه ڏينهن اڳ افغانستان جي بدليل حالتن، ان روشني ۾ ٺهندڙ پرڏيهيي پاليسي ۽ ملڪي مامرن تي جي ايڇ ڪيو ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پاران پارلياماني ميمبرن کي جيڪا بريفنگ ڏني هئي تنهن بابت پنهنجن ذريعن جي حوالي سان يوٽيوب چينل تي معلومات ڏيندي ٻڌايو آهي ته ان بريفنگ جو بنيادي  مقصد هونئن ته افغانستان جي نئين صورتحال بابت پارلياماني ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ هو. رئوف ڪلاسرا موجب قمر جاويد باجوه ملڪي سياست ۾ فوج جي مداخلت واري تاثر کي رد ڪندي پارلياماني ميمبرن آڏو واضح ڪيو ته اسان هر حڪومت جي پنجن سالن جو مدو مڪمل ڪرڻ جي حق ۾ هوندا آهيون پر مخالف سياسي جماعتون حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ فوج کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت کي به پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ چونڊ سڌارن بابت مخالف ڌر کي حڪومت سان ڳالهائڻ گهرجي. جيڪڏهن انهن کي حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين واري طريقي تي اعتراض آهي ته ٻيو ڪو طريقو ٻڌائين پر کين پاڻ ۾ ڳالهائڻ گهرجي. پر ان گڏجاڻي نئين ڳالهه اها آهي ته ان ۾ پهريون ڀيرو چيف آف آرمي اسٽاف پنهنجي مدي ۾ ورتل واڌ جو راز ٻڌايو ۽ انڪشاف ڪيو ته هن جنهن مقصد لاءِ ٻه سال اڳ پنهنجي مدي ۾ پارليامينٽ جي رضامندي سان واڌ ورتي سو مقصد هاڻي پورو ٿي چُڪو آهي. هن پارلياماني ميمبرن کي ٻڌايو ته مون مدي ۾ اها واڌ ان ڪري ورتي هئي جو تڏهن افغانستان ۽ ڀارت سان ملندڙ پاڪستان جون سرحدون اوتريون محفوظ نه هيون جيتريون هئڻ گهرجن ها تنهن ڪري مون اولهه ۽ اوڀر وارين ٻنهي ملڪي سرحدن جي مضبوطي لاءِ مدي ۾ واڌ ورتي هئي ۽ هاڻي اهو مقصد پورو ٿي چُڪو آهي، اڄ اولهه ۽ اوڀر واريون ٻئي سرحدون مضبوط ۽ محفوظ ٿي چُڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.