ن ليگ جي وڌيڪ ٻن اڳواڻن کي نيب جو سڏ

لاهور(م ڊ) ن ليگ جي وڌيڪ ٻن اڳواڻن کي نيب جو سڏ، نيب لاهورجاويد لطيف ۽ برجيس طاهر کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن  موجب جاويد لطيف تي 50 ڪروڙ جڏهن ته برجيس طاهر تي 30 ڪروڙن جا اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي. نيب 9 سيپٽمبر تي 11 وڳي جاويد لطيف کي طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب اڳواڻ  نامڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو هو. کيس مڪمل رڪارڊ سان گڏ اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته برجيس طاهر 10 سيپٽمبر 11 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. برجيس طاهر کي فيملي ميمبرن سميت بي نامي فردن بابت تفصيل آڻن لاءِ پابند بڻايو ويو آهي. ان کان پنجاب جي اڳوڻي قانون واري راڻا ثناالله به اثاثا ريفرنس ۾ جيل ڀوڳي چڪو هاڻ نيب وٽان  ضمانت تي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.