بلوچستان ۾ مقابلن ۾ مارجي ويل 23 مان 14 ڄڻا گم ٿيل هئا: وارث

ڪوئيٽا(م ڊ) هلندڙ سال آگسٽ جي مهيني ۾ سي ٽي ڊي جي بلوچستان ۾ ڪاررواين ۾ مجموعي طور 23 ماڻهو مارجي ويا،  اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن ماڻهن جو تعلق پابندي مڙهيل بلوچ ويڙهاڪ تنظيمن ۽ داعش سان هو، گم ٿيل مانهن جي وارثن ۽ انهن جي تنظيم ڪجهه مارجي ويلن جي حوالي سان سي ٽي ڊي جي ان دعويٰ کي چئلينج ڪيو آهي ۽ چيو آحي ته انهن مان ڪجهه ماڻهو اهڙا هئا جن کي اڳ ئي جبري طور تي لاپتا ڪيو ويو هو، ڪيچ سان تعلق رکندڙ آمنه بي بي سي کي ٻڌايو ته لورالائي ۾ سي ٽي ڊي جن 7 ماڻهن کي فائرنگ ڪري مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي انهن ۾ هن جو ڀاءُ صدام به شامل هو جيڪو 2018ع ۾ ڪراچي جي علائقي ملير مان لاپتا ڪيو ويو هو، جڏهن ته هڪ ٻئي ماڻهو عبدالغني کي گوادر مان 2017ع مان کنڀيو ويو هو، وائيس فار بلوچ مسنگ پرسنز چيو آهي ته سي ٽي ڊي جي پنج ڪارروائين ۾ مارجي ويل 23 مان 14 ماڻهن جي باري ۾ اهڙيون شڪايتون مليون آهن ۽ تنظيم ان سلسلي ۾ جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءَ الله لانگو چيو آهي ته اسان جون سيڪيورٽي فورسز غيرذميواري جو مظاهرو نٿيون ڪري سگهن، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته اهو عدالتن سان رابطو ڪري سگهي ٿو،سي ٽي ڊي مطابق هزار گنجي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جو تعلق بي ايل اي سان هو، 25 آگست تي لورالائي ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ سان تعلق رکندڙ 7 ويڙهاڪ ماريا ويا،30 آگست تي مستونگ ۾ مبينه مقابلي ۾ مارجي ويل 11 ڄڻن جو تعلق داعش سان هو،نصرالله بلوچ چيو ته 14 ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي آهي، انهن کي جعلي مقابلن ۾ ماريو ويو آهي، حڪومت انهن واقعن جي جاچ ڪرائي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.