شهيد بينظير آباد جي چئن شگر ملن ڏانهن آبادگارن جون 20 ارب جون رهتون، ڌرڻي جو اعلان

نوابشاھ(رپورٽ :اڪرم چانڊيو) سنڌ گروئرز آگنائزيشن جي چيئرمين رضا محمد چانڊيو، سينئر وائيس چيئرمين حاجي محمد اسحاق چانڊيو، وائيس چيئرمين محمد وارث ڏاھري، ميڊيا ڪوارڊينيٽر شمشاد  ملاح ۽ ٻين نوابشاھ پريس ڪلب پھچي پريس ڪلب جي سمورن عھديدارن ۽ سمورن ميمبرن کي 8 سيپٽمبر تي حبيب شگر ملز جي گيٽ ٻاھران اعلانيل احتجاجي ڌرڻي جا دعوت ناما ڏنا انھي موقعي تي رضا محمد چانڊيو  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سڄي سنڌ سميت ضلعي شھيد بينظير آباد جا ڪمند جا آبادگار سالن کان شگر انڊسٽري مافيا جي ظلمن ۽ حق تلفين جو شڪار آھن 1999 کان وٺي ھيل تائين ضلعي جي چئني شگر ملز، حبيب شگر ملز نوابشاھ، ٻانڌي شگر ملز، النور شوگر ملز شاھپور جاھيان، سڪرنڊ شگر ملز قاضي احمد ڏانھن ضلعي جي غريب ۽ ننڍن آبادگارن جا 20 ارب روپين کان وڌيڪ رهتون آھن ھنن چيو ته رڳو حبيب شوگر ملز نوابشاھ ڏانھن ڪوالٽي پريميئم جي مد ۾ 6 ارب روپيا ۽ 2017،18 دوران 22 روپيا في مڻ اضافي جيڪي مجموعي طور تي 66 ڪروڙ روپيا ٿين ٿا اڄ ڏينھن تائين آباد گارن کي نه ڏنا ويا آھن ، هن چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ پڻ ٻه  سال آبادگارن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي شوگر ملن کي آباد گارن جون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو پر شوگر ملز مافيا جي بيحسي جي انتھا آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.