سوئي گئس مان برطرفين خلاف لاڙڪاڻي ۽ جنگشاهي ۾ مظاهرا

لاڙڪاڻو/جنگشاهي(نمائندا) لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪالهه پنجين ڏينهن به پنهنجي  بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي برطرف ملازمن شاهد حسين ڇڄڙو، عبدالرحيم سومرو، حاجي جاويد عباسي، غلام عباس بلوچ، حسين بخش بلوچ، اظهر علي گوپانگ، رفيق شيخ، امير احمد ابڙو، اقبال احمد منگي، رياض جمالي، عبدالفتاح ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان جون عمرون 54 کان 58 سال آهي عمر جي هن حصي ۾ بيروزگار ڪري اسان جي گهر ڀاتين کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي هوڏانهن  جنگشاهي ۾ سوئي سدرن گئس ۽ مختلف وفاقي کاتن مان 16000 ملازمن جي جبري برطرفي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ پورهيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي سوئي گئس جي برطرف ملازمن عبدالرشيد جاکرو، عبدالحميد جوکيو، ولي محمد جوکيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آرڊيننس 2010 فورن بحال ڪري هزارين ملازمن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي انهن وڌيڪ چيو ته تبديلي سرڪار هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ پنجاھ لک گهر ڏيڻ جو وعدو ڪيو هو پر ورلڊ بينڪ ۽ آئي ايم ايف جي پاليسين تي عمل ڪندي هزارين وفاقي ملازمن کي جبري برطرف ڪري رهي آهي اسان چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجي بچن جي مستقبل کي نظر ۾ رڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.