ڪراچي ۾ 8 ڪروڙ رپين جي منشيات هٿ

ڪراچي( رپورٽر) ڊي آءِ جي ڏکڻ جاويد اڪبر رياض پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته موچڪو پوليس حب ريور روڊ تي ڪاروائي ڪري 8  ڪروڙ ماليت جي منشيات پڪڙي بين الااقوامي سطح جي منشيات ڊيلر سميت چار ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو آهي ھن چيو ته ڏوھارين کان 11 ڪلو آئيس ۽ 10 ڪلو منشيات به ملي آهي ڊي آءِ جي ڏکڻ چيو ته ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته  اي اين ايف  سان ملي ڪري گڏجي ڪم ڪيون حاجي محسن نالي ھڪ  ڏوھاري جي قبضي مان 10  ڪلو آئيس ھٿ آئي آهي. ڏوھاري رڪشي ذريعي ڪراچي منشيات کڻي اچي رھيا ھئا ته پوليس کين پڪڙي ورتو. ھن چيو ته رئيس اڏي تي به  پوليس ڪاروائي ڪري ھڪ منشيات وڪرو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي ھن پوري منشيات فروشن جي نيٽ ورڪ جي نشاندھي ڪري ورتي آهي جيڪي ڪراچي جي ڪلفٽن ۽ ڊفينس وارن علائقن ۾ منشيات سپلاءِڪري رھيا ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.