ڪنٽونمنٽ بورڊ چونڊون، فوج مقرر ڪرڻ واري درخواست رد

اسلام آباد ( م ڊ) سموري ملڪ ۾ 12 سيپٽمبر کان ڪنٽونمنٽ بورڊ جون ونڊون ٿي رهيون آهن. تحريڪ انصاف طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.تحريڪ  انصاف جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ٿيو. اليڪشن ڪميشن اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي فوج مقرر ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته ڪينٽومنيٽ بورڊ چونڊن جي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ڪينٽ بورڊ چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. ڪينٽومنيٽ بورڊ اليڪشن جي سيڪيورٽي جي لاءِ رينجرز، ايف سي، پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي. پوليس، رينجرز، ايف سي جي موجودگي ۾ فوج جي ضرورت نه آهي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي فيصلي بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن پوليس، ايف سي، رينجرز اختيارين کي اليڪشن ۾ وڏي نفري مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.