وفاقي حڪومت خلاف پ پ جي اڄ کان شروع ٿيندڙ احتجاجي تحريڪ

اداريو

پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪا سنڌ جي حڪمران جماعت به آهي تنهن اڄ 5 سيپٽمبر کان سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، آدمشماري ۾ سنڌ سان زيادتي، وفاقي کاتن مان سنڌجي 16 هزار ملازمن جي برطرفي، مهانگائي، اين ايف سي ۾ سنڌ کي پورو حصو نه ملڻ سميت سنڌ جي حقن تي ڌاڙي جي خلاف وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري رهي آهي. ڪالهه پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي آبادگارن، هارين، برطرف ملازمن، شاگردن، بيروزگارن ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف مڪتبئه فڪر سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۽ سياسي تنظيمن کي ان احتجاجي تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. هن جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم ۽ قومپرستن کي پڻ اپيل ڪئي آهي ته سنڌ سان ٿيندڙ زيادتي خلاف پ پ جي تحريڪ ۾ اسان جو ساٿ ڏئي عوام سان گڏ بيهن. نثار کهڙي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته وفاق پاران سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي خاموش آهن ۽ اهي وفاقي حڪومت آڏو هڪ لفظ ڳالهائڻ لاءِ به تيار ناهن.

انهيءَ ۾ ته ڪو شڪ ئي ناهي ته موجوده وفاقي حڪومت کان سنڌ کي انهن سڀني مٿي ڄاڻايل اشوز تي شڪايتون آهن. اها به حقيقت آهي ته ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي هر دور ۾ وفاق کان اها شڪايت رهي آهي ته ان ننڍن صوبن لاءِ ڪڏهن به ڇپر ڇانو وارو ڪردار ادا ناهي ڪيو. سنڌ ۽ بلوچستان کي ڄڻ ته وفاق پنهنجي اک ۾ ڪنڊو پئي سمجهيو آهي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي.

اها به حقيقت آهي ته جڏهن به وفاق ۾ ڪنهن هڪ جماعت ۽ صوبن اندر ٻي جماعت جي حڪومت هوندي آهي ته تڏهن به وفاق ۽ صوبن جو تڪرار هلندو آهي. هن وقت به وفاق ۾ عمران خان جي جماعت پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ته سنڌ اندر پ پ جي سرڪار آهي. افسوس ته ٻنهي حڪومتن ۾ پهرين ڏينهن کان تڪرار هلندڙ آهي. سنڌ حڪومت جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته پ پ دشمني ۾ وفاقي حڪومت سنڌ سان لاڳيتيون ذيادتيون ۽ ناانصافيون ڪري رهي آهي ۽ ان ڪري سنڌ جي عوام جو به معاشي قتل ڪري رهي آهي. سنڌ جي ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍي ڄڻ کانئن بدلو وٺي رهي آهي. اها سنڌ سرڪار کي ختم ڪري گورنر راجڄ لاڳو ڪرڻ جون به ڪوششون ڪندي رهي آهي. جڏهن ته ان جي پنهنجي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. ان گذريل ٽن سالن اندر عام ماڻهن لاءِ به ڪجهه ناهي ڪيو، کين صرف مهانگائي، غربت، بيروزگاري ۽ کاڌي پيتي جي شئين ۾ ريڪارڊ واڌ ڪري ڏني آهي. سنڌ سان پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدمشماري ۾ جيڪي ذيادتيون ٿينديون رهيون آهن تنهن خلاف ته سنڌ جون قومپرست ڌريون به هر دور ۾ سراپا احتجاج رهيون آهن.

جڏهن ته موجوده وفاقي حڪومت جو چوڻ هوندو آهي ته سنڌ حڪومت جي پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب سنڌ ڏکيا ڏينهن ڏسي رهي آهي. اسان سنڌ حڪومت کي آئين موجب مالي حصو ڏيندا آهيون پر اهي پيسا ڪرپشن جي نذر ٿي ويندا آهن تنهن ڪري اسان پاڻ اهي سنڌ تي استعمال ڪنداسين ۽ سنڌ جا وفاقي منصوبا پنهنجي نگراني ۾ پورا ڪنداسين.

اهو آهي سنڌ سرڪار ۽ وفاقي حڪومت جو هڪٻئي ڏانهن مجموعي رويو. جنهن ڪري حڪومتي سطح تي ٻن وڏين ڌرين جا لاڳاپا خراب آهن. اسان جو اهو خيال آهي ته پارٽي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آئيني ۽ قانوني گهرجون ٻنهي حڪومتن کي پارٽي مفاد کان مٿانهان ٿي ڪري پوريون ڪرڻ گهرجن. اهو رويو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي طور تي ڪنهن ريت به درست ناهي ته وفاقي حڪومت کي سنڌ سرڪار تي اعتماد ناهي تنهن ڪري اها سنڌ جا فنڊ سنڌ حڪومت کي ڏيڻ بدران پاڻ سنڌ تي استعمال ڪندي. اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ لاءِ سنڌ جو عوام ويٺو آهي، اهو ان جو حق آهي ته اهو سنڌ حڪومت کان اڇي ڪاري جو حساب وٺي. وفاقي حڪومت کي آئيني ۽ قانوني طور تي سنڌ حڪومت سان رستو رکڻو آهي، ان کي نظرانداز ڪرڻ ڪنهن ريت به جائز ناهي.

سنڌ حڪومت جي موقف کي ڇڏي ڪري جيڪڏهن سنڌ جي مفاد ۾ ڏسنداسين ته موجوده وفاقي حڪومت جو رويو واقعي به سنڌ دوست نظر نٿو اچي. سنڌ جي پاڻي جي حصي ۾ ڪٽوتي ۽ چوري ڪا اڄ جي ڳالهه ناهي، ان جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي. هاڻي موجود وفاقي حڪومت اهو موقف شروع ڪيو آهي ته اصل ۾ سنڌ کي پاڻي ته پنهنجي حصي جو ملي ٿو پر سنڌ جا وڏيرا حڪومتي سرپرستي ۾ پنهنجين زمينن لاءِ کنيو ٿا وڃن. اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت هوندي پر اها مڪمل حقيقت ناهي. وفاق    پاڻ هر دور ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي ضايع ٿئي ٿو، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌو درياهه جي زندگي ئي ان ۾ آهي ته ان جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري . سو وفاق جو اهو رويو بنيادي طور تي ئي غلط آهي. پاڻيءَ وانگر وفاق جو اهڙو رويو مجموعي طور تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن ڏانهن رهيو آهي. وزير اعظم جو اهو چوڻ ته ڪريچي تي سنڌ جا ماڻهو هڪومت ڪري رهيا آهن. ڪراچي سنڌ جو حصو ناهي ڇا، سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي وفاق جي قبضا گيري وارين نظرن سبب به سنڌ جي عوام ۾ بي چيني آهي، ڌارين کي يا افغانين کي ڪٿي آباد ڪرڻ جو مسئلو هوندو ته کين سنڌ ڏانهن موڪليو ويندو آهي، سنڌ جي بجيٽ ظاهر آهي ته محدود آهي ان بجيٽ تي سڄو ملڪ ڄڻ ته هلي رهيو آهي. سنڌ جا وسيلا به ظاهر آهي ته صوبائي سطح جا آهن ملڪي سطح جا ناهن تنهن ڪري سنڌ کي وفاق جي مالي مدد جي ضرورت پوندي آهي. جيڪڏهن نه ته پوءِ سنڌ ۽ سنڌين جو اهو مطالبو جائز آهي ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌ جي بجيٽ ۽ سنڌ جا وسيلا صرف سنڌ صوبي ۾ پيدا ٿيلن تي خرچ ٿيڻ گهرجن. وفاقي ادارن مان سنڌين کي برطرف ڪرڻ جو جيڪو سلسو شروع ٿي ويو آهي سو پڻ سنڌ دشمن عمل آهي. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي م ته پبلڪ سروس ڪمشن ڪم ڪري رهي آهي پر سنڌ ۾معطل آهي.

انهن سڀني ذيادتين تي سنڌي عوام جي نمائنگي ڪندي پ پ وفاقي حڪومت خلاف اڄ کان جيڪا احتجاجي تحريڪ هلائي رهي آهي تنهن جي آجيان ڪندي اسان وفاقي سرڪار تي زور ڀرينداسين ته اها سنڌ ڏانهن پنهنجي مجموعي رويي تي نظرثاني ڪري ۽ سنڌ دوست ڪردار ادا ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.