پڪي قلعي جي زوال پذيريءَ جو سفر

تحرير: طارق عزيز شيخ

گذريل ڏينهن اخبارن ۽ نيوز چئنلن تي حيدرآباد جي پڪي قلعي جي دروازي کي ڊاهي پٽ ڪرڻ وارو افسوس ۽ مذمت جوڳو واقعو ڏسي ۽ پڙھي دلي رنج رسيو. ھيءُ عمل سنڌ جي عاليشان تاريخ کي مسخ ڪرڻ مثل آهي. اصولي طور تي قديم آثارن  جو فرض ھو ته لاھور جي قلعي وانگر حيدرآباد جي پڪي قلعي کي به محفوظ بڻائي ھا ۽ ھن جي سار سنڀال ڪري ھا پر ڏک ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ سان جيڪو ازل کان تعصبي وير رکيو ويو آهي، ان جو خميازو ھر شعبي ۽ ھر ھنڌ نقصان، نظر انداز ڪرڻ ۽ پٺتي ڌڪو ڏيڻ جي صورت ۾ ڀوڳڻو پوي ٿو. پڪي قلعي جو ڏوھ به اھوئي آهي ته سنڌ جو آهي.

1767ع ۾ غلام شاهه ڪلھوڙي ھن شاندار قلعي کي جڏهن جوڙايو هو، تڏھن حيدرآباد سنڌ پرڳڻي جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. پڪو قلعو، ڪلھوڙن جي درٻار ۽ رھائش جي ڪتب ايندڙ ھو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ پڪي قلعي کي ميرن جي درٻار، رھائش سان گڏوگڏ فوجي ڊپو پڻ بڻايو ويو. ميرن پڪي قلعي جي اوج کي اڃا وڌايو. ھنن باغيچا، پڪين سرن جا رستا، بازارون، مھمان خانا، اڏاوت، سونهن ۽ حفاظت جي ڪمن ۾ اضافو ڪيو.

جڏهن انگريزن جو دور آيو ته 1843ع ۾ چارلس نيپيئر قلعي تي قبضو ڪري ورتو. گھڻي قدر ته ھنن ميرن جي دولت، سون، چاندي، ڳھه، ھيرا جوھر، قيمتي ڪپڙا، ايران جا تحفا، تلوارون، ھٿيار، فوجي لباس ۽ گھڻو ڪجهھ لٽي ڦري برطانيا ۾ پنھنجن حاڪمن ڏانهن موڪليو باقي جيڪو ساز سامان بچي پيو سو ميوزم بڻائي ھتي رکي ڇڏيائون. انگريز پڪي قلعي ۾ ھر جڳهھ تي پنھنجا دفتر قائم ڪري سرڪاري ڪمن جو مرڪز بڻائي ڇڏيو. انگريزن جي فوج جو به سڄو ڪم ڪار ھتان ئي ھلندو ھو. جڏهن انگريزن سنڌ مان واپسي ڪئي تڏهن پاڪستان جي آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ کي آثارن جي تحفظ جي قانون موجب، پڪي قلعي کي حوالي ڪيو ويو ھو.

ورھاڱي کان پوءِ پڪي قلعي جو زوال شروع ٿيو. ھڪ وڏو تعداد ھندستان مان آيل ماڻھن جو فقط اھو چئي، قلعي ۾ اندر رھايو ويو ته عارضي طور رھڻ ڏنو ويندو، جيئن جيئن جڳھيون ملنديون وينديون کين قلعي مان منتقل ڪيو ويندو. اڄ مني صديءَ کان وڌيڪ وقت چڙهي ويو آهي پر پڪي قلعي مان عارضي رھائشين کي منتقل ڪونه ڪيو ويو. ان ڊگھي عرصي منجهھ قلعي کي وقت گذرڻ سان گڏ زبون حاليءَ جي ور چڙھڻو پيو. رھڻ وارن تاريخي ڀتين ۾ لوھ، ڪاٺ ۽ سيمينٽ جو استعمال ڪري ٽوڙڻ جو عمل شروع ڪيو. ايئن ڪرڻ سان تاريخي ڀتيون ڀرڻ لڳيون ۽ پراڻين سرن سان گڏ نيون سرون لڳنديون رھيون.

1983ع ڌاري الھداد چنڊ ڳوٺ کان قلعي طرف ويندڙ رستي جي ختم ٿيڻ تي علائقي وارن کي، سامھون ڏسڻ آيو ھو، جڏهن پڪي قلعي جي ڀتين ڪرڻ جو واقعو ٿيو ھو. تحقيق ۾ خبر پئي ھئي ته قلعي جي ڀتين ڏانهن حد کان وڌيڪَ بار پئجي ويو ھو. ڪيئي ماڙ عمارتون اڏجي چڪيون ھيون. پاڻي جون ٽانڪيون به انھن جي مٿان جوڙايون ويون. ڪيترن ئي گھرن جو نيڪال خراب ھجڻ ڪري، ورھين جا ورھيه گدلو غليظ پاڻي قلعي جي قديم ڀتين کي ڳاريندو کائيندو رھيو آھي.

پڪي قلعي جي ڀت، جيڪا قدم گاھ مولا علي ع واري پاسي وڃي رھي آھي، انھيءَ ڀت جي اوٽ ۾ سوين دڪان ۽ گودام آھن جن قلعي جي ڀت کي غرق ڪري ڇڏيو آهي. اڍائي سؤ سال قديم قلعي جو بنياد جبل جي وڏن وڏن پٿرن وارو پيل آھي، جيڪو جنگي ۽ حفاظتي خيال کي آڏو رکندي وڌو ويو ھو. افسوس جو دڪاندارن اھڙي مضبوط ڀت کي به ٽوڙي ٽوڙي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ آڏواڻيءَ کاڌل ھجي.

سال 2015 ۾ قلعي جي انھيءَ ڀت کي رات وچ ۾ ڊاٿو ويو ھو ۽ صبح کان گودام اڏڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو ھو پر پڪي قلعي جا تمام ڳرا پٿر ڏاڍي ڏکيائي سان، مشينن ذريعي ھٽايا ويا ھئا. اھو سڀ ڪجهھ تنھن وقت جي حيدرآباد جي انتظاميه جي ھٿ ھيٺ ڪيو ويو ھو. سنڌي اخبارن ھن اشو کي اٿاريو ھو جنھن بعد نالي ماتر ڪا تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙي وئي هئي پر ٿورن ڏينهن تائين ڳالهه رپورٽن ۾ گردش ۾ رھڻ کانپوءِ ڪجھه ڪونه وريو. حيدرآباد جي انتظاميه جو خاص گروھ جڏهن کان وٺي بلديا ۾ چونڊجي آيو آهي، تڏھن کان وٺي پڪي قلعي جي چوڌاري دڪانن ۽ گودامن جي غير قانوني وڪري جا معاملا ٿيندا رھيا آھن.

سنڌ جو ھيءُ تاريخي قلعو، جنھن شان سان قدامت جو اھڃاڻ رھيو آھي، جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ھجي ھا ته ھن جو قدر به اوتروئي ھجي ھا. ڏک ۽ تڪليف سان چوڻو ٿو پوي ته اديبن ۽ صحافين کان سواءِ ھن تاريخي قلعي جو ڪنھن ۾ به احساس نظر نٿو اچي، جيڪي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ واويلا ڪن ٿا پر پوءِ ساڳيا ڪاريءَ وارا ڪک. اڄ مني صدي گذرڻ بعد به قلعي سان اھڙي ويڌن جاري آهي. ھيءُ شاندار ماضي رکڻ وارو قلعو ايترو زوال پذيريءَ جو شڪار ٿيندو، اندازو به ڪونه ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.