ريس ڪورس کان ٽانگي تائين

تحرير: مشتاق احمد يُوسفي

جيئن جيئن ڌنڌي ۾ منافعو ٿيندو ويو، فتن جي خواهش به وڌندي وئي. بشارت ڪيترن ئي مهينن کان گهوڙي جي ڳولا ۾ رُلندو رهيو. ايئن پيو لڳي ڄڻ گهوڙي کانسواءِ سندن سمورا ڪم بند پيا هئا ۽ بادشاھ رچرڊ ٽئين وانگر هُو هر شيءِ گهوڙي تان قربان ڪرڻ  لاءِ تيار هو: A horse… a horse… my kingdom for a horse… هن جي پاڙيسري چوڌري ڪرم الاهيءَ کيس مشورو ڏنو ته سرگوڌا ضلعي جي پوليس پاران قائم ڪيل گهوڙن جي تربيتي فارم سان رابطو ڪري، جتي پوليس جي نگرانيءَ ۾ ”ٿارو“ نسل ۽ ٻين اعليٰ ذات جي گهوڙن کان نسل جي واڌ ڪرائي ويندي آهي. گهوڙي جو پيءُ نج ۽ اصيل هوندو ته پٽ لازمي ان تي ئي ويندو. مثال ڏنو ويندو آهي ته ”پيءُ تي پُٽ… پِتا تي گهوڙو… گهڻو نه ته به ٿوڙو ٿوڙو…“ پر بشارت چوڻ لڳو ”منهنجي دل اها ڳالهه نه ٿي مڃي. جنهن گهوڙي جي پيدائش ۾ پوليس جو ”حمل“ دخل هوندو، اهو خالص ٿي ئي نه ٿو سگهي! اهو گهوڙو ته پاڻ پوليس تي ويندو.“

گهوڙي بابت اها ڳالهه ٻُڌي پروفيسر قاضي عبدالقدوس، ايم. اي. بِي. ٽيءَ اُهو مشهور شعر پڙهيو، ۽ هميشه جيان ڪُمهلو پڙهيو. جنهن ۾ ديده ور جي ڄم مان پيدا ٿيڻ وارين پيچيدگين جي ڊپ کان نرگس هزارين سال روئندي آهي. مرزا چوندو آهي ته پروفيسر قاضي عبدالقدوس پنهنجي پر ۾ ڪابه وڏي دانائيءَ واري ڳالهه ڪرڻ لاءِ وچ ۾ ٽپو ڏي ته بي وقوف لڳندو آهي. جيڪڏهن نه به ڳالهائي ته چهري جي عام تاثرن مان اڃا وڌيڪ بي وقوف لڳندو آهي. معنيٰ ته:

”گويَم مِهمَل وگرنه گويَم مِهمَل“

ڄاڻايل پروفيسر جي نارمل تاثرن مان مراد سندس چهري جا اُهي رنگ آهن، جيڪي اُن تي اُن وقت ظاهر ٿيندا آهن، جڏهن ڪنهن جي ڳالهه جي زِپ اڌ وچ ۾ اٽڪي پوي.

خدا خدا ڪري هڪ گهوڙو پسند آيو، جيڪو هڪ ”اسٽيل رمي رَولنگ مِل“ جي سيٺ جو هو. ٽي چار ڀيرا ان کي ڏسڻ ويو ۽ هر ڀيري پهريان کان وڌيڪ مطمعن ٿي موٽيو. ان جو اڇو رنگ اهڙو ته وڻيُس جو اٿندي ويهندي ان جون ئي ڳالهيون… ان جا ئي قصيدا… مون هڪ ڀيرو پڇيو: ”پُچ ڪلياڻ آ؟“ نفرت ڀريي انداز سان کليو، ۽ وراڻيائين: ”پُچ ڪلياڻ ته مينهن به ٿي سگهي ٿي. رڳو منهن ۽ هٿ پير اڇا هجڻ سان گهوڙي جي پُڇَ ۾ سرخاب جو پر ناهي لڳي ويندو. گهوڙو اهو جيڪو اٺ (8) ئي ڪنٺَ… اٺ (8) ئي نسلَ ”ڪُميتُ“ هجي. چئني مُرَن ۽ چئني گوڏن جا سنڌَ مضبوط هجنس. هي ڀاڙي جو ٽٽُو نه، پر ريس جو خانداني گهوڙو آهي.“ اُهو گهوڙو سندس ذھن تي ايڏيءَ  بريءَ طرح سوار ٿي چڪو هو، جو هاڻي کيس اتان ڪا گهوڙي ئي لاهي پئي سگهي. سيٺ کين ”ايسوسي ايٽيڊ پرنٽرز“ ۾ ڇپيل ”ڪراچي ريس ڪلب“ جو  اهو ڪتابڙو به ڏيکاريو هو، جيڪو اُن ريس بابت هو، جنهن ۾ اِن گهوڙي بهرو ورتو هو ۽ پهريون نمبر آيو هو. اُن ڪتابڙي ۾ اُن گهوڙي جو فوٽو ۽ سمورا تفصيلَ، شَجرهء نسب سميت لکيل هئا. نالو: ”وائيٽ روز“ ولد: ”وائلڊ اوٽس“ ولد ”اولڊ ڊَيول.“ جڏهن کان هي اعلیٰ نسل جو گهوڙو ڏٺو هئائين، تڏهن کان هن پنهنجي ذاتي بزرگن تي فخر ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. سندس چوڻ موجب، گهوڙي جَي ڏاڏَي بمبئيءَ ۾ ٽي ڊوڙون کٽيون ۽ چوٿينءَ ۾ ڊوڙندي هارٽ فيل ٿي ويو هئس. هن جي ڏاڏِي به وڏِي نالي واري گهوڙِي هئي. پنهنجي زماني جَي نامي گرامي ولايتي گهوڙن سان سندس تعلق رهي چڪو هو. ان جي عصمت جي دامن ۾ طاقت ۽ فائدي وٺڻ واريءَ خاصيت جي بدولت کيس ڇهه پُٽيتي اولاد ٿي، جن مان هر ڪو پنهنجي پنهنجي پيءُ تي ويو. سيٺ کان پهريائين ”وائٽ روز“ هڪ اُڌريل رئيس جي ملڪيت هو. جيڪو ڪراچيءَ جي علائقي ”باٿ آئي لينڊ“ ۾ ”ايلس“ نالي پنهنجي اينگلو انڊين زال لاءِ ”وَنڊر ليڊ“ نالي هڪ بنگلو ٺهرائي رهيو هو. ”رِي رولنگ مِل“ مان جيڪو سريو هُو خريد ڪري کڻي ويو هو، ان جي رقم ڪئين مهينن تائين سندس مٿان چڙهيل رهي. ريس ۽ جُوا  مان ڏيوالو نڪري وڃڻ سبب ”ونڊر لينڊ“ جي اڏاوت رڪجي وئي ۽ ايلس کيس حيرت زده ڇڏي، ملتان جَي هڪ زميندار سان گڏ يورپ جي سير تي رواني ٿي وئي. سيٺ کي جيئن ئي هڪ ڏينهن اها خبر ملي ته قرضدارَ، رَهتُن عيوض پلاٽ تي پيل سيمٽ جون ٻوريون ۽ سريا به کڻائي ويا آهن، ته هن پنهنجي مينيجر کي پنجن لٺ بردار چوڪيدارن جي نفرِي ڏياري باٿ آئيلينڊ موڪليو ته ڀَڄندڙ ڀُوت جو جيڪو به ٽپڙ ٽاڙي هٿ اچي، گِهلي کڻي اچو. تنهنڪري هو اهو گهوڙو تنبيلي تان ڇوڙي آيا. اتي ئي هڪ ٻلي به نظر آيَن. ان کي به هو ٻوريءَ ۾ وجهي کڻي آيا. گهوڙي جي ٽريجڊيءَ کي پوريءَ طرح ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ بشارت ضمني طرح اسان سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو: ”هي گهوڙو ٽانگي ۾ وهائڻ لاءِ ٿورئي پيدا ٿيو آ. سيٺ وڏي زيادتي ڪئي. پر نصيب جي ڳالهه آ… سائين! ٽي سال پهريان ڪير ٿي چئي سگهيو ته اوهان ايئن بينڪ ۾ جوٽيا ويندئو؟ ڪاڏي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ ميجسٽريٽ جي ڪرسي! ۽ ڪٿي بينڪ جو چار فوٽ ڊگهو اسٽُول!“

شاهي سواري:

کيس هن گهوڙي سان پهرينءَ ئي نظر ۾ ئي محبت ٿي وئي هئي ۽ محبت ته انڌي ٿيندي آ… چاهي گهوڙي سان ئي ڇونه ٿئي! کيس اهو به سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو ته گهوڙي جي مدح ۾ استادن جا اهي شعر ابتا سبتا پڙهندو پئي وتيو، جن جو تعلق ٽانگي واري گهوڙي سان بنهه ڪونه هو. اهو مڃڻ ۾ هرگز عيب ناهي ته گهوڙو هڪ شاهي سواري آهي. شاهي رعب ۽ شاهاڻي شوڪت جو تصوّر گهوڙي بنا اڌورو بلڪه اڌ ۾ رهجي ويندو آهي.

باشاھ جي قد ۾ گهوڙي جي قد جو واڌارو ڪيو وڃي، تڏهن وڃي هو آدم قد نظر ايندو آهي. پر ٿورو ڌيان سان ڏٺو وڃي ته شاهي سوارين ۾ گهوڙو، ٻئي نمبر تي اچي ٿو. انڪري جو بادشاهن ۽ تخت نشين حڪمرانن جِي مستقل ۽ دلپسند سوارِي اصل ۾ رعايا يا عوام هوندو آهي. هو هڪ ڀيرو ان تي سواري ڪري وٺن، ته پوءِ کين سامهون ڪو کوھ، ڪا کڏ، ڪو لوڙهو، ۽ ڪا رڪاوٽ نظر ڪانهي ايندي. شهه زوريءَ ۽ شهه سواريءَ جي جوش ۾ ”نَوِشتهء ديوار“ اصطلاح وارِي ديوار به اورانگهي ويندا آهن، هُو ڀِت تي ظاهر ظهور لکيل تحرير به تيسين ناهن پڙهي سگهندا، جيسين اها نابينن واري تحرير ــ ”بِرَيل“ ۾ نه لکيل هجي. جنهن کي هو پنهنجي درٻار سمجهندا آهن، دراصل اهو انهن جو اهڙو گهيرو هوندو آهي، جيڪو کين اهو سمجهڻ کان قاصر رکندو آهي، ته جنهن منهن زور، گوڙ ڪندڙ، گهوڙَي کي صرف هِڻڪڻ جي موڪل ڏئي سولڙائيءَ سان اڳيان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ان کي هُو پويان قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. مطلب اهو ته لغام جي بدران سندس پُڇ مروڙيندا آهن. پر ظاهري طور هن غريباڻي سواريءَ جو اعتبار ڪونهي ڇو ته اها هڪ ڪَرِي چال ڪانهي هلندي.

(مشتاق احمد يُوسفيءَ جي ڪتابَ ”آبِ گم“ مان چونڊيل)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.