سپر طاقت آمريڪا واري شهنشاهيت جي پڄاڻي !

تحرير: علي محمد ميمڻ

دنيا جي واحد سپر طاقت آمريڪا بهادر طرفان  افغانستان کي خالي ڪرڻ واري پنهنجي ڪيل فيصلي تي وقت کان اڳ عمل ڪيو ويو ۽ آمريڪي فوجن کي کڻي ويندڙ جهاز  گذريل رات 12 وڳي کان اڳ ڪابل ايئر پورٽ تان روانو ٿي ويو. افغانستان مان آمريڪا جي آخري اڏام جي رواني ٿيڻ سان 20 سال اڳ آمريڪا جي نيو يارڪ واري ٻن ورلڊ ٽريڊ ٽاورز سان 11 سيپٽمبر تي جهاز ٽڪرائڻ واري دهشت گردي وارن ڪيل حملن ۾ افغانستان جي دهشت گردن جي ملوث قرار ڏيڻ کانپوءِ آمريڪا طرفان افغانستان تي ڪيل حملي ۽ اتحادي ملڪن جي فوجن سان ڪيل قبضي جي نتيجي ۾20 سالن تي ڊگهي قائم ڪيل حڪمرانيءَ جو آخرڪار خاتمو ٿي ويو. اهڙي ريت آمريڪا جي اتحادي ملڪن جيڪي عالمي طاقتن جي شطرنج جي راند شروع ڪئي ان ۾ اسان جي ملڪ کي شطرنج جي هڪ مهري طور بيدردي سان استعمال ڪيو ويو ۽ افغانستان کي جنگ جو ميدان ۽ رتوڇاڻ جو کاڄ بڻايو ويو. جنهن ۾ هن خطي جي ٻن ملڪن جو معصوم عوام عالمي طاقتن جي سازشن جو کاڄ ٿيندو رهيو ۽ اسان جي ملڪ جا حڪمران ڊالر ڪمائندا رهيا.

افغانستان جي هن تازي پيدا ٿيل سياسي صورتحال ملڪ جي صدر اشرف غني طرفان پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪري ملڪ مان فرار ٿي وڃڻ يقينن هن ملڪ جي حاڪم جي ذلت ۽ بي وفائي جو پنهنجو مثال پاڻ آهي. ملڪ جو صدر اشرف غني پنهنجي انهيءَ بزدلي واري عمل سان پنهنجي ملڪ ۽ خطي جي ٻين ملڪن کي پڻ وڏي ڏچي ۾وجهي ويو. صدر اشرف غني جي فرار بعد افغانستان جي3 لک کان مٿي فوجن به وڙهڻ ۽ هٿياربند طالبان گروهن سان مقابلو ڪرڻ يا ملڪ تي قبضو ڪري مارشل لڳائڻ واري هوس جو شڪار ٿيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. افغان فوج جي قيادت طرفان پنهنجي ملڪ جي ماڻهن سان جنگ ڪرڻ بجاءِ فوج کي  بيرڪن کان ٻاهر ئي نه ڪڍيو ويو .

اهڙي ريت، دنيا جي ملڪن ۽ قومن جي اها نرالي تاريخ ٺهي وئي ته ڪنهن به ملڪ ۽ قوم کي دنيا جي ڪابه طاقت چاهي جيترو عرصو ۽ مدت تائين غلام بڻائي رکي پر آخرڪار انهن کي پنهنجا قبضي ڪيل ملڪ ڇڏڻا ئي پوندا آهن. افغانستان واري پيدا ٿيل نئين قسم جي صورتحال دنيا جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.

دنيا جي وڏين خونخوار ۽ رتوڇاڻ وارين جنگين ۾افغانستان واري جنگ ۽ گهرو ويڙهه جو ڳاڻيٽو ڊگهي مدي واري جاري رهندڙ جنگن ۾ شامل آهي.افغانستان واري ڊگهي مدي واري جنگ جي نگراني چئن آمريڪي صدرن پاڻ ڪئي، جن ۾ جارج بش سينيئر، جارج واڪر بش جونيئر، بارڪ حسين اوباما ۽ ڊونلڊ ٽرمپ شامل آهن. عالمي ميڊيا ذريعي منظر عام تي آيل رپورٽن موجب، افغانستان واري 20 سالن واري جنگ ۾آمريڪا ۽ ان جي اتحادي نيٽو ملڪن جي فوجن جي حملن ۽ افغانستان ۾ ٿيل سالن تائين پکڙيل ان ويڙهه ۾تمام وڏي رتوڇاڻ ٿي ۽ ان عرصي ۾ سموري ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 50 هزار افغان شهري، 2500 آمريڪي فوجي، 66 هزار افغان فوجي ۽ پوليس اهلڪا، 457 برطانوي فوجي ۽ 50 هزار طالبان ۽ ٻيا آمريڪا مخالف ويڙهاڪ ماريا ويا آهن. ان کان علاهه هن جنگ تي هڪ اندازي موجب 2 کرب ڊالر خرچ ٿيا. هيڏو وڏو عرصو جاري رهندڙ  ان جنگ جا جنگي خرچ پورا ڪرڻ لاءِ قرض جي مد ۾ ورتل رقم آمريڪا جي ڪيترن ئي نسلن کي ادا ڪرڻي پوندي جنهن جو رڳو وياج ئي 6 کرب ڊالر ادا ڪرڻا پوندا.

دنيا جي سڀ کان وڏي سپر طاقت آمريڪا جي دنيا تي قائم شهنشاهيت ۽ آمريت کي آخرڪار پنهنجي هڪ هٽي ۽ انت طرف سفر شروع ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ هو دنيا جي واحد عالمي طاقت واري پنهنجي رعب، دٻدٻي، سورهيائي ۽ ڏاڍ مڙسي واري دادا گيري ۽ پاڻمرادو لاڳو ڪيل حق ۽ اختيارن کان محروم ۽ بي دخل ٿيڻو پئجي رهيو آهي.

آمريڪا جي حڪومتن جي گذريل 20 سالن جي ڊگهي ۽ خونخوار حڪمراني جو ئي اهو نتيجو آهي جو ايران، عراق، ليبيا، شام، مصر ۽ افغانستان وڏين جنگين جو شڪار ٿيا آهن. دنيا تي پنهنجي حاڪميت ۽ آزاد ملڪن تي قبضا ڪرڻ وارن فيصلن ۽ کنيل قدمن جي پيدا ٿيل لازمي نتيجن جي صورت ۾ آمريڪا پڻ روس وانگر وڏن دفاعي ۽ فوجي خرچن ۾ ملڪ جا وسيلا ۽ فوجون ملوث ڪرڻ ڪري هاڻي پاڻ اقتصادي ۽ معاشي بحران جي ور چڙهي ويو آهي.

روس ۾ سوشلسٽ انقلاب جي خاتمي واري ٿيل وڏي نقصان سان خونخوار آمريڪا کي سموري دنيا تي قبضا ڪرڻ جا کلئي نموني موقعا مليا ۽ هن گهٽ ۾ گهٽ اڌ صديءَ تائين سموري دنيا کي يرغمال بڻائي رکيو.جنهن جي نتيجي ۾ليبيا، عراق، شام تي آمريڪا ۽ نيٽو جي اتحادين ذريعي خونخوار فوجن سان حملا ڪري قبضا ڪيا ويا ۽ انهن ملڪن جي لکين عوام جو قتل عام ڪيو ويو ۽انهن جي وسيلن تيل، گئس ۽ معدنيات تي قبضا ڪري پاڻ ۾ ورهايو ويو. اها عالمي  ڦرلٽ ۽ ڪيل جارحيت جي نتيجي ۾اڳتي هلي نيٺ آمريڪا کي به  اقتصادي ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ٿيڻو پيو ۽ هاڻي هن کي پڻ پنهنجي بقاءِ جي جنگ ۽ امتحان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي. آمريڪا ۾ پيدا ٿيل نئين سياسي ۽ اقتصادي اٿل پٿل ۽ پيدا ٿيل نئين صورتحال جو ئي اهو نتيجو  آهي جو آمريڪا ۾ هٿيارن ۽ ٽينڪن ۽ ميزائلن واري دفاعي صنعتن جي واپارين ۽ صنعتڪارن جي نمائنده جماعت ريپبلڪن پارٽي کي گذريل عام چونڊن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو ۽ سندن بددماغ ۽ آمراني ذهنيت وارو صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي  صدر جو بائيڊن کان هارائي ويو.

هاڻي آمريڪا جي نئين حڪومت ، دنيا ۾ آمريڪا جا ٿيندڙ فوجي قبضا ختم ڪرڻ ۽ پنهنجا دفاعي خرچ گهٽائڻ ۽ وسيلا پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ اقتصادي بحالي وارن منصوبن تي خرچ ڪرڻ واري پاليسي تي ڪاربند ٿي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو نئين حڪومت ، اڳوڻي حڪومت جي افغانستان خالي ڪرڻ واري ڪيل فيصلي کي اينگهائڻ ۽ دنيا جي واحد سپر طاقت جي انا ۽ دٻدٻي ۾ ٿيندڙ گهٽتائي سبب روڪڻ، التوا ۾ وجهڻ بجاءِ ان معاملي کي وڌيڪ خراب ڪرڻ بجاءِ تيزي سان پنهنجي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ ڪابه دير نه ڪئي ۽ افغانستان جا معاملا اتان جي عوام تي ڇڏي ڏيڻ مناسب سمجهيو.

بيشڪ ! دنيا ۾طاقت جو توازن هر اڌ صديء بعد تبديل ٿي رهيو آهي،اڳوڻي سپر طاقتن برطانيا ۽ روس کانپوءِ هاڻي آمريڪا پڻ پنهنجي دور جي خاتمي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ان جي جاءِ تي هاڻي عوامي جمهوريا چين نئين عالمي طاقت واري جاءِ والاري رهيو آهي. جنهن جي اتحادين ۾ اڳوڻي سپرطاقت روس پڻ شامل ٿي ويو آهي. دنيا تي حڪمران واحد عالمي طاقت واري دورن جي پڄاڻي واري جاري اٿل پٿل سان عوامي جمهوريا چين پنهنجي شاهوڪار معيشت، خوشحالي ۽ دنيا جي تمام وڏي فوج ، صنعتي ترقي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڪاروبارن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارن شعبن ۾ترقي ڪري تيزي سان دنيا ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ نئين عالمي طاقت  واري جاءِ والارڻ لڳو آهي. خاص طور تي سي پيڪ ۽ ون روڊ ون بيلٽ واري عالمگير رٿائن ۽ شنگهائي معاهدي واري ملڪن جي اقتصادي اتحاد جي دنيا ۾ گڏيل ترقي ۽ حڪمراني وارو نئون سج نروار ٿيندو نظر اچي رهيو  آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.