ٺلهي نعري کان نڪري ڪرپشن جي قسمن کي سمجهڻ جو سوال

تحرير: عرفانه ملاح

پاڪستان ۾ ھر وقت ،ھر ھنڌ، ھر ماڻھوءَ جي وات تي ھڪ ئي ترانو ھوندو آھي ته ملڪ تباهه ٿي ويو ، ملڪ کي ڪرپشن کائي وئي ،  سياسي حڪومت  ڪرپٽ آھي . مطلب ته ھر بدانتظامي ۽ شئي جو ملبو وڃي ڪرپشن تي ڪرندو آھي.  اھو عام تاثر آھي ته ملڪن م غربت جو وڏو سبب ڪرپشن آھي يعني ته ڪرپشن جي ڪري ملڪ تباھ ٿين ٿا ۽ جنھن ملڪ ۾ ڪرپشن آھي ، اھو ملڪ غريب آھي.  يورپ ، آمريڪا ۽ ٻيا ملڪ ان ڪري خوشحال آھن جو انھن ملڪن ۾ ڪرپشن نه آھي ۽ ڪرپشن نه ھجڻ ڪري ئي  اتي جو  عوام خوشحال آھي ، آھي سڀ ملڪ، ڪرپشن نه ھئڻ ڪري  راھ تي روان آھن .

پاڪستان اندر ڏسجي ته سمورو سياسي بيانيئو ان نقطي جي چوڌري ئي گھمي ٿو. يا ان ملڪ جي با اثر طبقي ڄاڻي واڻي سڄو بحث وڃي ڪرپشن تي بيھاريو آھي جيئن ٻين  ملڪ جي معاشي زوال جي اصل سببن ۽ محرڪن تان ڌيان هٽائي سگھجي. ڇاڪاڻ ته معاشي ۽ اقتصادي ترقي جا حقيقي پيمانا ڏسبا ته گھڻائي وائکا ٿيندا، تنھن ڪري ماڻھن کي ھٿ وٺي ٽرڪ جي بتي وانگر ڪرپشن جي پويان لڳايو وڃي ٿو. ان سسلي ۾ وڌيڪ ڪڏھن به تحقيق نه ڪئي وئي آهي ته ڪرپشن حقيقي طور تي تنزلي جي ذميوار آھي به يا نه ؟ يا ڪھڙو  محڪمو ڪھڙي قسم جي ڪرپشن ڪري پيو، يا ڪرپشن جا ڪھڙا قسم آھن.

ويجهڙ ئي ڪرپشن جي قسمن جي حوالي سان ھڪ ڪتاب دنيا ۾ بحث ھيٺ آھي ،جنھن جو فوڪس ته صرف چين ئي آھي ، پر ان جي مطالعي کانپوءِ ڪجهه دلچسپ حقيقتون سامھون اچن ٿيون جيڪي سڀني لاءِ فائديمند ٿي سگھن ٿيون.

آمريڪا جي مشي گن يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي ايسوسيئيٽ پروفيسر، يون يوننگ جنھن کي چين جي ترقي جي حوالي سان ھڪ مڃيل تجزيا نگار مڃيو وڃي ٿو ، جو نئون آيل ڪتاب China Glided Age, paradox of economic boom and waste corruption "چين جي جرڪندڙ دور ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافو ۽ وڌندڙ ڪرپشن” ۾ چين اندر ڪرپشن ۽ ان جو اقتصادي ترقي سان ڳانڍاپو تي تفصيل سان لکيو ويو آھي. سڄي دنيا ان ڳالهه تي حيران آھي ته آخر چائنا جھڙو غير جھموري ملڪ گذريل چاليهھ سالن کان مسلسل اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن آھي . آخر ان جا ڪھڙا سبب آھن ، جڏھن ته سرمايه دار  دنيا ۾ چائنا نقل ڪرڻ ، ٻئي نمبر جو مال جي پيداوار سان گڏ رشوت ڏيندڙ قوم طور به مشھور آھي . جڏھن ته اھا مڃيل حقيقت آھي ته جنھن ملڪ ۾ رشوت ستاني  ھوندي اھو غريب ھوندو . جڏھن ته مٿي ڪتاب جي ليکڪا مطابق ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب چين ۽ انڊيا ھڪ جيترا ڪرپٽ ملڪ آھن  جڏھن ته انڊيا، چين کان گھڻو غريب آھن ، ٻئي طرف چين سائوٿ آفريڪا کان به ڪرپشن انڊيڪس ۾ اڳيان آھي ،پر چين جي ترقي جي رفتار ڪيترن ئي گھٽ ڪرپٽ ملڪن ،جيئن سوئيٽزرلنڊ کان به گھڻي آھي ، ۽ تازين رپوٽ نمطابق چين جي خزانو، آمريڪا جي مقابلي ۾ وڌي رھيو آھي.اھو سڄي دنيا اندر ھڪ وڏي بحث جو موضوع رھيو آھي ، جڏھن ته پوري دنيا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ کي مستند سمجهي ٿي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪيترائي تجربيڪار ماڻھون گواھي ڏين ٿا ڪرپشن، چين ۾ سسٽم جو حصو آھي پوءِ اھو مفروضو غلط پيو ثابت ٿئي ته ڪرپٽ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگھي يا ترقي جي راھ ۾ صرف ڪرپشن رڪاوٽ آھي. ان سوال جو جواب يون يوننگ جي ڪتاب ۾ واضع طور موجود آھي .

سڀ کان اڳ ھن ليکڪ،ا پھريون ڀيرو ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي ڪرپشن جي ظاھري پيمانن کي چئلينج ڪندي انھن جي رپورٽن کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آھي . ھن مطابق عام ماڻھن وٽ حڪمرانن ، سرڪاري ادارن يا غير سرڪاري تنظيمن لاءِ ڪھڙي راءِ آھي. عام طور تي ھڪ سروي ڪئي ويندي آھي ته عام ماڻھو انھن ادران  کي ڪيئن ماپن ٿا ۽ سمجھن ٿا. ھي عالمي ادارو اھڙي سروي کي سھيڙي ،سڄي دنيا جي ملڪن جو ڪرپشن انڊيڪس ٺاھي ان مطابق  ساليانو رپورٽون پڌري ڪري ٿو . جڏھن ته سوال اھو پڇيو وڃي ٿو توھانجي نظر ۾ فلاڻو ادارو ڪيترو ڪرپٽ آھي ھڪ کان ڏھن جي وچ ۾ نمبر ڏيو ، جنھن ۾ سروي جو جواب ڏيندڙ بنا سوچي سمجھي ڪو نمبر ڏئي ٿو. ليکڪا چوي ٿي رڳو اھو پڇڻ ڪافي نه آھي بلڪ سوال اھو پچڻ گھرجي ته کيس ڪنھن اداري سان ڪھڙي قسم جي رشوت ڏيڻي پوي ٿي، ڪير رشوت وٺي ٿو ۽ ڪھڙي ڪم لاءِ اھڙي رشوت ڏيڻي پوندي. ان کانپوءِ ئي ڪو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.

چائنا جي سونھري دؤر جي داستان واري ھن ڪتاب ۾ ليکڪا پھريون ڀيرو ڪرپشن کي مختلف قسمن ۾ ورھايو ويو آھي.ليکڪا دعويٰ ڪئي آھي ته ھن رشوت ستاني يا ڪرپشن کي کوليو آھي ، ڪرپشن جو ھڪ لفظ ان پوري لقاءِ کي پرکڻ يا سمجھڻ لاءِ ناڪافي آھي تنھن ڪري ان کي کولڻ جي ضرورت آھي جنھن لاءِ ھن "Corruption unbundled”  جھڙا لفظ استعمال ڪيا آهن.  ھن مطابق ڪرپشن کي جيڪڏهن کولي ڏسجي ته ان جا چار قسم آھن ، جنھن کي  ھن نشي آور شين سان  تمثيل ڏني آھي . ھن لکيو آھي ڪرپشن جو ھڪ قسم چرس يا ھيروئن جي نشي جھڙو آھي ، جنھن کي ، انگريزي ۾ petty corruption يا ٽڪي جي ڪرپشن جو نالو ڏنو آھي ، جيڪا ھڪ چوري وانگر آھي ، جيئن ڪير توھان کان پيسا به ڦري وڃي پر ان جي  نتيجي ۾ توھانکي ڪجهه به نه ملي . مثلن پوليس وارو دڪاندارن کان ھرو ڀرو جو ڀتو وٺي، قانون لاڳو ڪرڻ پوليس واري جو ڪم ۽ فرض آھي پر ان بدلي به ھو پيسا وٺي ته ان کي چوري چئي سگھجي ٿي . جنھن معاشري ۾ اھا ڪرپشن ھوندي ،اھو ملڪ چرس جي نشي واري ماڻھون وانگر جيڪو به کائي سائو نه ٿيندو.  ٻئي قسم جي ڪرپشن کي ھن grand corruption  يا وڏي ڪرپشن جو نالو ڏنو آھي، جنھن ۾ سرڪاري آفيسر ،سرڪاري فنڊن مان پيسا ڳڙڪائي پھنجي ذاتي فنڊن ۾ ڪٿي جمع ڪرائي ڇڏيندا آھن . ان قسم جي ڪرپشن کي چوري چئي سگھجي ٿو ، جھن ۾ سرڪاري عملدار عوام جي پيسن جي چوري ڪن ٿا. اھا به پھرين قسم جي ڪرپشن وانگر ھڪ نشو آھي جنھن جي ڪري سڄي سماج بيمار ٿيو وڃي. جنھن معاشري ۾ ان قسم جي ڪرپشن ھوندي اھو ملڪ اڳيا وڌڻ بجاءِ پوئتي وڃن ٿا. مطلب ان قسم جي ڪرپشن جنھن ملڪ ۾  ھوندي ان جي ترقي ممڪن نه ھوندي.

ڪرپشن جي چئن قسمن مان پوين ٻن قسمن کي ھن Speed money ۽ access corruption  ۾ ورھايو آھي.انھن جو احوال به مزيدار آھي ، يون چوي ٿي ته اڪثر، ڪن آفيسر شاھي جي ريڊ ٽيپ ازم جو شڪار ٿي وڃن ٿا ، جنھن جي ڪري جيڪو ڪم ھڪ ڏينھن ۾ ٿيڻ گھرجي اھو ڏهه ڏينھن ۾ وڃي ٿئي ٿو، جنھن جي ڪري ماڻھون پريشان ٿين ٿا. اھڙن ڪمن ڪرائڻ لاءِ ھو جيڪا رشوت ڏيڻ ٿا ان کي ھن آسپيڊ مني جو نالو ڏنو آھي. ھن جو چوڻ آھي ته ڪم جي رفتار وڌائڻ لاءِ پيسا ڏيڻا ٿا پون تنھن ڪري اھڙي ڪرپشن کي اسپيد مني چئي سگھجي ٿو . پر ان جي نتيجي ۾ پيسا ڀريندڙ کي به ڪجهه ملي ٿو ،ھو انھن پيسن جي بدلي پاڻ سان ڪجهه کڻي وڃي ٿو .اھا چوري نه آھي پر ان ڪرپشن کي ڪنھن پين ڪلر سان تشبيهھ ڏئي سگھجي ٿي . جنھن سان مٿي جو سور گھٽ ٿئي ٿو پر جسم پورو تندرست ٿئي ،ان لاءِ ڪجهه ٻيا اپاءُ وٺڻا پوندا . يون يوننگ جي دعوي آھي ته ان قسم جي ڪرپشن ايتري نقصانڪار نه آھي پر ڪم جي رفتار گھٽ ڪري ٿي ۽ جنھن ڪري گھڻا مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ مجموعي طور ترقي جي رفتار سست ٿئي ٿي ،پر پھرين ٻن قسمن واري ڪرپشن وانگر ھن معاشري کي پوئتي ڌڪي بيمار نه ٿي ڪري.

ليکڪا تيرھن ملڪن تي تحقيق ڪئي آھي ،ھن مطابق انڊيا ۾ ھن قسم جي ڪرپشن ٻين قسمن جي مقابلي  ۾ گھڻي آھي ، تنھن ڪري ئي انڊيا جي ترقي جي رفتار سست آھي پر ان جي باوجود انڊيا ترقي ڪري رھيو آھي.آخر ڪنھن اھم عھدي تي ويٺل ماڻھون تائين رسائي لاءِ جيڪا ڪرپشن ڪرڻي ٿي پوي ،ان کي ھن رسائي لاءِ خرچ ڪيل پيسن واري ڪرپشن جو نالو ڏنو آھي.ھن قسم جي ڪرپشن عام طور تي سرمائيدار ۽ وڏا ماڻھون ڪن ٿا، جيڪي پنھنجي انڊسٽرين،کي فائدي ڏيڻ لاءِ قانونن ۾ڦير ڦار کان وٺي ، وڏا ٺيڪا وٺڻ ، حڪمرانن کي پھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ وڏا خرچ ڪن ٿا ، ان ۾ وڏا تحفا ڏيڻ ، پارٽيون ڪرڻ ، ٻاھرين ملڪن جا دورا ڪرائڻ ، انھن جي ٻارن جا خرچ ڀرڻ شامل آھن.  مثلن بحريا ٽائون جي ملڪ رياض چوڌري افتخار جي پٽ کي خريد ڪري پنھنجي حق ۾ فيصلو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ملڪ رياض قانون کان مٿانهون آھي ،ڇاڪاڻ ته ھن وٽ تمام گھڻو پئسو آھي جنھن سان ھن جي ھر اھم اداري ۽ ماڻھو تائين رسائي جڙي وڃي ٿي . اھو ئي سبب آھي جو ھو مسلسل ترقي ڪري رھيو آھي .

ھن قسم جي ڪرپشن پوري. سرمائيدار  دنيا ۾ عام آھي ،اقتدار جي ايوانن ۾  فيصلو ڪندڙ فردن تائين رسائي پيدا ڪري ماڻھو  پنھنجا فائدا وٺن ٿا. آمريڪا ۾ وڏا لابسٽ آھن جيڪي پيسا وٺي ڪانگريس جي سينٽرن سان ڪنھن مخصوص قانون سازي لاءِ لابي ڪن ٿا. ان دوران ھو پيسن کان وٺي مختلف ملڪن جي دورن جو به بندوبست ڪن ٿا، ۽ سينيٽرن ڪانگريس ۾ پھنجي فائدي لاءِ استعمال ڪن ٿا. .نيٽفليڪس تي مقبول ٿيندڙ ھائوس آف ڪارڊس واري سيريز سڄي انھن لابي ڪندڙ ڪمپنين جي مفادن جي گرد ئي گھمي ٿي ته ڪئين اقتدار تي ويٺل فرد ھنن جي اشاري نچڻ ٿا.

يون يوننگ پھنجي تحقيق ۾ اھو ثابت ڪيو آھي ته چين ۾ رسائي واري پيسي واري ڪرپشن جو قسم عام آھي جيڪو اسٽيرائيڊ وانگر آھي ، يڪدم ھر شعبي کي حل ڪري ٿو ڇڏي پر ڊگھي عرصي لاءِ ان ھو استعمال ھاڃيڪار ٿي سگھي ٿو. ھن جو چوڻ آھي ته ايڪسس مني سان ئي چين جو وڏو سرمائيدار طبقو سڄي دنيا ۾ ٺيڪا وٺي ٿو ، ان سان ترت ڪم ڪرائي سرمايو بچائڻ سان گڏ ڪم جي رفتار به وڌائن ٿا.

سوال اِهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا قومن جي سونھري دؤر ۾ ڪرپشن جو عمل دخل آھي . يون يوننگ ته ان ڳالهه ۾ يقين رکي ٿي سرمائيداري ترقي جي ڍانچي ۾ ڪرپشن جو ھجڻ لازمي آھي ، ۽ خاص طور تي ايڪسس مني سان پوري دنيا ٿيندڙ مقابلي مان فائدو وٺي سگھجي ٿو. ليکڪه چين جو تفصيل سان جائزو وٺندي اھو ثابت ڪيو آھي ته رڳو ڪرپشن ترقي جي رفتار لاءِ ھاڃيڪار نه آھي ،نه وري ڪرپشن جي ڪري ترقي ٿئي ٿي . ان ۾ ٻيا به ڪيترائي محرڪ آھن جن کي پڻ ڏسڻو پوندو ۽ چين جنھن طريقي سان گذريل ويھن سالن ۾ پنھنجي آفيسر شاھي جي انتظامي اھيلت کي وڌائڻ تي زور ڏنو آھي ،ان سان گڏ چين آفيسر شاھي کي پگھار ساڻ گڏ کين اھا به اجازت ڏني آھي ته ڪمپني، يا اداري جي ترقي مان ڪجهه حصو ھو بنا ڪنھن قانوني حق جي کڻي سگھن ٿا.

مطلب ته رياستي مشنري پاڻ ان کي قسم جي فائدن تي اکيون ٻوٽي ڇڏي ٿي . اتي جي اعليٰ بيوروڪريسي جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن اتي ڪم ڪندڙن کي اھو آسرو ھجي ته ڪمپني جيترو ڪمائيندي ان جو فائدوھنن کي به ملندو ته ھو بھتر ڪم ڪندا  جئين کين گھڻو حصو ملي، هر جي ان کي قانوني شڪل ڏني ويندي ته پوءِ ھو ان کي حق سمجھندا ۽ حصو به مخصوص انداز ۾ مقرر ٿيندو. جنھن سان ھو نوڪري سمجھي ڪم ڪندا. ڀلي ھو ان غلط فھمي  ۾ ھجن ته پيسا ھوکائين پيا ۽ وڌيڪ محنت سان وڌيڪ ڪمائين ٿا.

جن تيرھن ملڪن تي يون يوننگ تحقيق ڪئي آھي ،ان ۾نائيجريا ۾ ھن چئني قسمن جي ڪرپشن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي آھي، اھو سبب آھي جو نائجيريا تباھ آھي . پر پر چين پيٽي ڪرپشن ۽ گرانڊ ۽ اپيسڊ مني تي پھنجي  ادارتي نظام ۾ تبديلي آڻي قابو پاتو آھي . پر ھن مطابق ان جو مطلب اھو قطعي نه آھي ته ڪرپشن سان ترقي ٿئي ٿي يا ان مان فائدو آھي ، پر ھر قسم جي ناڪامي، نااھلي يا ڪم چوري جو ملبو ڪرپشن تي وجھڻ سان ماڻھون کي منجهايو وڃي ٿو ، جنھن سان انھن جو رخ تبديل تي وڃي ٿو ۽ ترقي جي راهه ۾جيڪي اصلي رڪاوٽون آھن ،انگن بجاءِ رڳو ڪرپشن ته فوڪس ڪيو وڃي ٿو.

جڏھن سماج اندر ڪو اداريو،ڍانچو ڪمزور ۽ ناڪارا ھوندو ۽ اقتدار تي قابض گروھ ھر اداري تي پنھنجي اجارادي رکندي پھنجي مفادن کي اوليت ڏيندو ته باقي ادارا انتظامي طور ناڪاره ٿي ويندا ۽ رياستي ڪاروهنوار متاثر ٿيندو. جنھن ڪري عام ماڻهو پھرين ٻن قسمن جي ڪرپشن جو شڪار ٿي  ويندو.

پاڪستان ۾ ڏسجي ته نائيجيريا وانگر چئين ئي قسمن جي ڪرپشن موجود آھي، ۽ ليکڪا مطابق چين ۾ به اڻوهيه سئو نوي تائين ھر قسم جي ڪرپشن ٿيندي ھئي ،پر سن ٻه ھزار ۾ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سربراهه، آفيسر شاھي ۾ سڌارا آڻي ، انھن ٻنھي قسمن تي ضابطو آندو ، ٻه ھزار ڏھن تائين چين جي قسمت تبديل ٿي وئي. ڏھن سالن اندر چين جو نظام تبديل ٿي ويو ۽ ٻه ھزار ڏھن کان چين تيزي سان ترقي ڪندي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آھي ، جيتوڻيڪ چين ۾ اڄ به ڪرپشن جو آخري قسم موجود آھي ، ان جي باوجود چين اڳيان وڌي رھيو آھي. پر آخر ۾ ليکڪا ان نتيجي تي پھچي ٿي ته جڏھن ڪرپشن جو آخري قسم وڌي ٿو سماج ۾ طبقاتي تفاوت به وڌي ٿو ،امير طبقو رياستي ادارن کي پھنجي مقصد لاءِ استعمال ڪن ٿا  جديد چين ۾ طبقاتي نظام وڌي رھيو آھي ، پر ھن مطابق چين جو وچولو طبقو به مضبوط ٿيو آھي ، ڇاڪاڻ ته کين ترقي جي نالي ته بونس يا ان اداري جي ترقي مان حصو ڏنو پيو وڃي . ٻيو ته چين ۾ مٿين سطح جي آفيسر شاھي مقامي آھي جنھن سان انھن وٽ ادران جي مالڪي گھڻي آھي . ان مالڪي جي ڪري به اتي بھتري آئي آهي.آفيسر شاھي جي اھليت، قابليت ۾ بھتري ۽ انھن کي ترقي جي ثمر مان حصو ڏيڻ به آھي. جڏھن ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي روڪٿام وارا ادارا پاڻ ڪرپٽ ھجڻ سان گڏ پوري نظام کي يرغمال ڪري ويٺا آھن ،جنھن ڪري مجموعي طور ڪمن جي رفتار سست ، آفيسر شاھي جي ڪارڪردگي ۾ لاٿ آئي آھي .ھي وقت آھي ته رياست  ۽ عوام ڪرپشن جي ٺلھي نعري کان ٻاھر نڪري ڏسن ته ھتي ڪھڙي ڪرپشن ڇو ٿي رھي آهي ، ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ چين وانگر انتظامي سڌارا آندا وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.