ٺري ميرواهه ۾ شهرين جي سهولت لاءِ آفتاب ميڊيڪل سينٽر جو افتتاح

پيروسڻ روڊ ٺري ميرواھ  ۾ سينئر ڊاڪٽرز ۽ شھرين پاران آفتاب ميڊيڪل سينٽر جوافتتاح ڪيو ويو،ان موقعي تي رٽائرڊ سرجن ڊاڪٽر قربان علي سھتو، ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر وزير علي ڦل، ڊاڪٽر محمد خان شر، ڊاڪٽر ساجد علي ڀٽي ۽ شھرين آفتاب ميڊيڪل سينٽر جو افتتاح ڪيو  آفتاب ميڊيڪل سينٽر ۾ شھرين کي 24 ڪلاڪ ايمرجنسي سھولت ڏني ويندي ۽ مختلف قسمن جون ٽيسٽن، ليبارٽري، اي سي جي ۽ فارميسي جي پڻ سھولت ميسر آهي جتي ڊاڪٽر جمال ناصر فزيشن ميڊيسن ۽ ڊاڪٽر رضاعلي ايم بي بي ايس ڊيوٽي سرانجام ڏيندا ،ان موقعي تي ڊاڪٽر جمال ناصر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٺري ميرواھ واسين کي ميڊيڪل جي حوالي سان ھر سھولت پيش ڪنداسين تہ جيئن مريض کي ٻاھر وڃڻ جي ضرورت نہ پوي ۽ 24 ڪلاڪ ايمرجنسي ۽ فارميسي جي سھولت پڻ موجود آهي، افتتاحي پروگرام ۾ شھري حاجي محمد ايوب اعواڻ، ڊاڪٽر الاھي بخش جوڳي، ڊاڪٽر ھوش محمد، علي راز خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.