ڪوٽڙِي: ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس جي زمين تي مبينا قبضي جي دعويٰ رد

ڪوٽڙي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس جي زمين تي مبينا طور قبضو ڪرڻ واري دعوي کي مقامي بلڊر پاران ڪوڙو قرار ڏنو ويو ، بلڊر پاران الزام هنيو ويو ته سيهوڻ ڊولپمنٽ اٿارٽي جي آفيسرن سميت ڪجھ ٻين کاتن جا آفيسر کين هراسان ڪري رهيا آهين ، جن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آھي، گذريل ڏينهن پٽي ڪمشنر جامشورو   ڪيپٽن ر فريدالدين  مصطفيٰ پاران سيهوڻ ڊولپمنٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر کي هڪ ليٽر جاري ڪيو ويو هو ته ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس جي لاء  الاٽ ٿيل زمين غير قانوني طريقي سان هڪ بلڊر کي ڏني وئي آھي جنهن جي تعميراتي ڪم کي فوري طور تي بند ڪري قانوني ڪارراوئي ڪئي وڃي ،ان معاملي تي بلڊر ڪاغذات ثبوت جي طور تي ڏيکاريندي  ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس جي لاء مقرر ٿيل 25 ايڪڙ زمين سان گڏ واري زمين 2013 ۾ سيهوڻ ڊولپمنٽ اٿارٽي  کان تمام قانوني گهرجون

مڪمل ڪندي سرڪار کي ادائگي  کانپوءِ آھي جنهن جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي زمين سان ڪو به واسطو نه آھي ۽ ان جو ڪمپيوٽر رڪارڊ به رونيو کاتي وٽ موجود آھي هن ٻڌايو ته پلاٽ تي ڪا به اسڪيم نه پيا ٺاهيون ڇاڪاڻ ته هي پلاٽ اسان ڪاروبار لاء ورتو آھي ۽ اسان کي ان پلاٽ تي تعميراتي ڪم ڪرائڻ جو مڪمل حق آھي هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان کي  هراسان ۽ بدنام ڪرڻ۔جي ڪوشش ڪئي پئي  وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.