سون جي في تولي قيمت ۾ وڏي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.

سنڌ جي صرافه بازار جيولرز ايسوسي ايشن موجب في تولو سون جي قيمت ۾ 1300 رپيا واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت 1 لک 12 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جي قيمت 1115 رپيا وڌيڪ 96 هزار 280 رپيا آهي.

ايسوسي ايشن موجب عالمي صرافه مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 13 ڊالر واڌ سان 1828 ڊالر في اونس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.