مڪاني چونڊن ۾ دير: سنڌ جا اعليٰ اختياري طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اِي سي پي) سنڌ ۾ مڪاني  چونڊن ۾ دير بابت ڪيس کي باقاعده ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ کان پوءِ چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جيڪي ايندڙ هفتي ڪميشن آڏو پيش ٿيندا.

اي سي پي جي 3 رڪني بئنچ اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ معاملي جي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي بلوچستان مان ميمبر نثار احمد دراني ۽ سنڌ جو ميمبر شاهه محمد جتوئي شامل هوندا.

ان معاملي کي باقاعده ٻڌڻي لاءِ اٿارڻ جو فيصلو ڪميشن جي 25 آگسٽ واري اجلاس ۾ ڪيو ويو هو جنهن  ۾ چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان سواءِ اثارني جنرل آف پاڪستان جي مدد طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن زور ڏنو ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڪميشن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ وفاق ۽ صوبن ۾ جا سڀ ايگزيڪٽو اٿارٽي آئين جي آرٽيڪل 220 تحت پنهنجي ڪمن کي انجام ڏيڻ ۾ ڪميشن جي مدد ڪرڻ جا پابند آهن.

ان ڏس ۾ 23 آگسٽ تي ٿيل هڪ فالو اپ ميٽنگ ۾ سنڌ حڪومت جي نمائيندن مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذوري ظاهر ڪئي هئي.

سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو هو ته صوبائي حڪومت، مڪاني چونڊون نٿي ڪرائي سگھي ڇو ته 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن تي خدشا آهن ۽ هو سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ تبديليون آڻڻ چاهين ٿا جنهن ۾ 6 مهينا لڳي سگھن ٿا.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد خان چيو ته سنڌ ۾ مقامي حڪومت جو مدو گذريل سان 30 آگسٽ تي ختم چڪو آهي ۽ آئين موجب ڪميشن کي مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون پونديون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.