مٺي: افغانين جي آبادڪاري سميت ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ قومي عوامي تحريڪ جواحتجاج

مٺي:افغانين جي آبادڪاري زمينن تي قبضا ،پاڻي کوٽ ۽ نوڪرين مان برطرفين خلاف قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر پاران مٺي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو،ان سلسلي ۾قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل شاهنواز هنڱورجو،سبحان بجير،زاهد گل اوٺو ۽ دانش پرمار جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته افغاني ڌاريا سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،ٻئي پاسي سنڌي ملازمن کي نوڪرين مان برطرف ڪري بيروزگار ڪيو پيو وڃي،سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن،پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري آبادگارن کي تباھ پيو ڪيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ جو عوام اڄ به بنيادي سهولتن،صحت،پاڻي بجلي ۽ تعليم کان محروم آهي،هن چتاءُ ڏنو ته سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هو ڪنهن به ريت خاموش نه ويهندا،قومي عوامي تحريڪ پنهنجن ماڻهن جي مالڪي ڪندي ميدان ۾رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.