غوثپور:گسٽا اڳواڻ ۽ استاد جي پٽ کي ڏوهاري ڄاڻائي مقابلي ۾ مارڻ خلاف احتجاج، ڌرڻو

شڪارپور جي حد چڪ پوليس پاران  گذريل رات مبينا مقابلو ڄاڻائي غوثپور جي ٽوڙي بند واري علائقي جي رھواسي استاد صديق ملڪ جي پٽ انجنيئر امداد ملڪ کي مارڻ واري واقعي خلاف وارثن پاران سخت احتجاج  ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي وارثن الزام هڻندي چيو ته پوليس انهن جي نوجوان کي بيڏوهي ماريو آهي، هنن ٻڌايو هو جڏھين مقتول نوجوان جو لاش کڻڻ ويا ته پوليس کين لاش ڪرمپور ڀرسان بيگاري واھ تي ڏيڻ جو چيو  ۽ جڏهن ايمبولنس لاش کڻڻ لاءِ وڃي رهي ھئي ته اوچتو کيس واپس ڪري شڪارپور جي سول ڪورٽ ۾ لاش رکايو ويو جيڪو ھن وقت تائين اتي پيل آھي۔ ھوڏانھن پوليس جي اھڙي عمل خلاف گسٽا جي ڪيترن ئي استادن سيد عبدالرحمان شاھ۔ سيد سليم شاھ۔ استاد اسحاق ادراڻي۔ الياس ميراڻي ۽ عزيز الله مھر جي اڳواڻي ۾ شڪارپور پوليس خلاف مين انڊس هاءِ وي ڀرسان سخت احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ۽ مطالبو ڪيو ويو ته نه صرف وارثن کي فوري نوجوان جو لاش واپس ڏنو وڃي پر ان واقعي جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.