پيرڳوٺ: اغوا بعد بدفعلي ڪري شاگرد کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف مظاهرو، ڌرڻو

پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ نورمحمد آريجو ۾ اغوا بعد بدفعلي ڪري وحشياڻي نموني قتل ڪيل 9 درجي جي شاگرد محمد صديق آريجو جي قتل جي واقعي خلاف پيرڳوٺ ۾ سول سوسائٽي ۽ شاگرد جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري جنرل بس اسٽينڊ وٽ ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو  ويو، احتجاج ڪندڙن جي هٿن بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا. احتجاج جي اڳواڻي پروفيسر عبدالخالق جتوئي، سيد احسان شاھ، پرويز ميمڻ، حاڪم آريجو، عبدالقوي مڱڻيجو، رياض جتوئي، ۽  ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي چيو ته وحشي جوابدارن نائين ڪلاس جي شاگرد محمد صديق آريجو کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي بي درديء سان قتل ڪيو، پوليس پنهنجي مرضي سان ٻن ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايو، هنن الزام هنيو ته پيرڳوٺ پوليس قاتلن ۽ سهولتڪارن کان وڏي رشوت وٺي کين بچائڻ چاهي ٿي. جڏهن ته هيل تائين وڏي واقعي جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي. جيڪا وڏي زيادتي ۽ ظلم آهي. هنن چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ، سنڌ جي وڏي وزير، آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي ملوث قاتلن ۽ سهولتڪارن کي سخت سزا ڏئي شاگرد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.