کپرو ، ڄامشورو ، پنوعاقل ۽ ڪلوئي جون خبرون

کپرو: مدرسته المدينه جي اهتمام هيٺ يوم دعوت اسلامي جي عنوان سان پروگرام

ڄامشورو:ڳوٺ پناھ کوسو جي رهواسي پاران بااثر جي زيادتي جون دانهون

پنوعاقل:جمعو ڀٽو واسين پاران بااثرن جي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪلوئي: مڙس ۽ ڏيرن وٽ قيد ناري وجهه وٺي مائٽن وٽ پهتي،عدالت ۾ درخواست داخل

کپرو:چانهيان ۽ ٻين برادرين پاران پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

1

کپرو جي نوراني مسجد غريب آباد ۾ غير سياسي تحريڪ دعوت اسلامي کي وجود ۾ آئي 40 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ مدرسته المدينه جي اهتمام هيٺ يوم دعوت اسلامي جي عنوان سان هڪ پروگرام ڪرايو ويو جنهن جي اڳواڻي  قاري محمد شريف عطاري محمد يوسف عطاري ناصر عطاري قاري علي حسن عطاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي ته اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دعوت اسلامي جي باني امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطاري جنهن 1981ع ۾ دعوت اسلامي جو وجود آندو جنهن جي زيراهتمام چار هزار کان وڌيڪ ديني مدرسن ۾ لکين ٻار ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن مدرسن مان هر سال وڏي انگ ۾ ٻار حافظ قرآن ٿي رهيا آهن، دعوت اسلامي جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ نوجوانن ۾ دين اسلام جو شعور جاڳيو ۽ وڏي تعداد ۾ نوجوان دعوت اسلامي ۾ شامل ٿيا، اڄ دعوت اسلامي کي چاليهه  سال مڪمل ٿيڻ ته دعوت اسلامي جي باني امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطاري کي مبارڪباد پيش ڪيون ٿا

2

ڄامشورو جي ديھ موڙو جبل جي ڳوٺ پناھ کوسو جي رهواسي پورهيت ڄام کوسي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي دانهيو ته تر جي بااثرن گلبهار کوسو ۽ سندس ڀاءۡ ذولفقار کوسو بنا جواز هن سان ناجائزيون ڪري هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي, ڪيترائي ڀيرا ڏينهن ڏٺي جو هن جي گهر تي هلان ڪري گهر ۾ بيٺل جانور ڪاهي ويو آهي،  فائرنگ به ڪئي آهي جنهن سبب گهر ۾ بيٺل هڪ ڍڳي پڻ مري وئي آهي ۽ گهر اڳيان ٺاهيل پاڻي واري تلاءۡ ۾ گند ڪچرو اڇلائي ان کي پڻ خراب ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته ايس ايڇ او ڄامشورو آدم ابڙو هن جي دانھ ورنائڻ بدران ڄاڻايل بااثرن جي ونگار وهندي ويتر هن مٿان ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪري ڇڏي آهي.

3

پنوعاقل شھر جي علائقي جمعو ڀٽو جي رھواسين شمشاد علي،اختيار علي،وزير،گلبھار،اشفاق،سجاد ڀٽو مائي حميده،مائي ارشاد،مائي رخسانه،مائي رمانه ڀٽو ۽ ٻين معصوم ٻارن سان گڏ احتجاج ڪندي دانهيو ته انهن جي ذاتي 8 ويسن تي ٺھيل جاءِ  کي ڊاھي  قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ حفيظ(عرف) مٺو ،شفيق،محمد علي،اڪبر،عاشق  ۽ ٻين رات جو گھر ۾ گھڙي زوري ٽپڙ کڻائي لڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ،ان  دوران اسان گھر ڀاتين پاران مزاحمت تي ھٿياربندن حفيظ ۽ ٻين سڌي فائرنگ ڪري رحمان علي،اشفاق ۽ مائي ارشاد بيگم سخت زخمي ڪيو، جڏھن ته ٻين کي به ھٿيارن جا ڪنداڪ لٺيون ۽ سران ھڻي مرڻينگ ڪيو ،اسان گھر ڀاتين حفيظ ۽ شفيق ڀٽو کي گهر ۾ ئي سوگھو ڪري برادري جي موجودگي ۾ سٽي پوليس حوالي ڪيو ،ھنن چيو ته ھٿياربند گھر به اسان جي تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا ۽ مارين به اسان کي ٿا، ھنن ڊي آءِ جي سکر سميت وس وارن کان گھر ڪئي ته انهن تي حملو ڪري ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائيندڙ قبضا خورن خلاف قدم کڻي انصاف ڪيو وڃي.

4

ڪلوئي ڀرسان ڳوٺ قبائلي چڪ ۾ ڏيرن ۽ مڙس وٽ مبينا قيد ناري روبينه وجهه وٺي ڳوٺ کاڙڪ ۾ مائٽن وٽ پهچي وئي، ڪورٽ ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، ناري روبينا  ٻڌايو ته هڪ سال تائين مائٽن جي گهر پڻ اچڻ نه ڏنو ويو ڏير ۽ مڙس وٽ قيد هئس ،هن ٻڌايو ته  درخواست داخل ڪرائڻ بعد مڙس ٻه ڀيرا گهرن تي حملا ڪرائي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ هن وقت به کنڀي گم ڪرڻ چاهين ٿا منهنجي مائٽن کي موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، مونکي جان جو خطرو آهي تحفظ ڏياريو وڃي. ناري جي والده جنت ۽ پيءُ غلام رسول ۽ ٻين چيو ته مٺي جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 13 تاريخ تي آهي، ان کان اڳ ئي اسان جي نياڻي کي کنڀڻ لاءِ حملا ڪيا پيا وڃن، تحفظ ڏياريو وڃي.

5

کپرو لڳ مٿوڻ حيات آباد ۾ چانهيان برادري سميت ٻين برادري جي سوين ماڻهن محمد خان آريسر۔ عبدالسلام ڪلر۔ جيئڻ کارت۔ خانو ڀيل صديق چانيهون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  کاھي پوليس جي زيادتين خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ پلاٽ جي معاملي تان چانهيان ۽ درس برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو ھو ، جھيڙي ۾ امام بخش درس قتل ٿيو ھيو ، درس برادري اصل قاتلن کي بچائي ڳوٺ جي معزز محمد حيات چانيھون سميت 4 ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايو ۽ ڪيس ۾ گهربل ماڻهو گرفتار هجڻ باوجود کاھي پوليس ڳوٺاڻن کي تنگ ڪري رھي آھي. هنن ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي سانگهڙ ۽ وس وارن کان  انصاف جي گهر ڪئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.