ڪجهه ماڻهو برساتي پاڻي ڳولڻ نڪتا هئا پر کين پاڻي نه مليو : مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته  شهرين کي ڏکيائين کي منهن نه ڏيڻو پوي.

مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ 2 ڏينهن دوران رڪارڊ برسات پئي آهي، وقت سر قدم کڻڻ سان ورڊن تي وڌيڪ پاڻي ناهي بيٺو.

هن چيو ته سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو برسات جو پاڻي ڳولڻ نڪتا هئا، کين پاڻي نه مليو، عملو محنت سان ڪم ڪري رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.