ڄام خان شوري جون آبپاشي عملدارن  کي اهم هدايتون

سنڌ جي آبپاشي وزير ڄام خان شوري آبپاشي آفيسن بابت اهم اعلان ڪيو آهي.

ڄام خان شوري چيو ته آبپاشي کاتي جون سموريون آفيسون کليل رهنديون ۽ سڀ آفيسر ۽ عملو آفيس ۾ موجود رهندو ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏئي سگھجي.

هن چيو ته آفيسر ۽ عملي کي ڏنل ڪنهن به قسم جي موڪل رد ڪئي ويندي، سڀئي آفيسر ۽ عملو آفيس ۾ روزانو جي بنياد تي حاضري کي يقيني بڻائي ۽ اجازت کان سواءِ هيڊ ڪوارٽر کان ٻاهر نه وڃي.

صوبائي وزير چيو ته ڊرينيج ڊويزن سان سلهاڙيل سڀ آفيسر خبردار رهندي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرز سان ويجهو رابطو رکن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.