سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 990 نوان ڪيس رپورٽ

سنڌ جي وڏي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 990 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ڏيندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 17007 نمونن جي جاچ ڪئي وئي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 فوتگيون رپورٽ ٿيون.

هن چيو ته سنڌ ۾ فوتگين جو گڏيل انگ 6955 ٿي چڪو آهي، اڄ وڌيڪ 587 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 381648 ٿي چڪو آهي، هن وقت تائين سنڌ مان 5612605 نمونن جي جاچ ڪئي وئي آهي، جنهن مان هن وقت تائين 436957 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 48354 مريض علاج هيٺ آهن، 47474 گھرن ۾ آئسوليٽ آهن جڏهن ته 40 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 840 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 744 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، 64 مريض وينٽيليٽرن تي آهن.

وڏي وزير چيو ته صوبي جي 990 ڪيس مان 412 جو واسطو ڪراچي سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.