ويوو ايڪس 70 سيريز جي نئين فونز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ويوو نئين فليگ شپ ايڪس 70 سيريز جي نئين فونز جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اهي ان ڪمپني جا پهريان فونز هوندا جن ۾ نئين اميجنگ چپ وي 1 کي استعمال ڪيو ويندو.

ويوو جي نائب صدر ۽ سي ااو او هوبائيشيان تصديق ڪئي آهي ته ايڪس 70 سيريز ۾ ڪمپني پهريون ڀيرون آءِ ايس پي چپ وي 1 کي استعمال ڪيو آهي.

هن ٻڌايو ته وي 1 مڪمل ڪشٽمائز سرڪٽ چپ آهي جيڪا اميجنگ ۽ وڊيو ايپس لاءِ هوندي جيڪا بهرين متعارف فراهم ڪندي.

ڪمپني موجب ان چپ جي تياري تي لڳ ڀڳ 2 سالن کان ڪم ڪيو پيو وڃي پر ان بابت وڌيڪ تفصيل ناهن ٻڌايا ويا.

ويوو جي ايڪس 70 سيريز کي 9 سيپٽمبر تي سڀ کان پهريان چين متعارف ڪرايو ويندو.

مختلف ليڪس موجب اها سيريز ايڪس 70، ايڪس 70 پرو ۽ ايڪس 70 پرو پلس تي ٻڌل هوندي جن ۾ 2K E5 ڊسپلي ڏني ويندي.

ويوو ايڪس 70 پرو پلس جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي هوندي جنهن سان گڏ 48 ميگا پڪسل، 12 ميگا پڪسل ۽ 8 ميگا پڪسل ڪيمرائون موجود هونديون.

ان ڪيمرا سيٽ اپ ۾ 5 ايڪس آپٽيڪل زوم جي سهولت موجود هوندي جڏهن ته 8K  وڊيو رڪارڊنگ ڪري سگھبي.

فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل ڪيمرا هوندي جڏهن ته 4430 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني ويندي.

ويوو ايڪس 70 ۽ ايڪس 70 پرو ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200 پراسيسر موجود هوندو.

ايڪس 70 ۾ 6.5 انچ جي فليٽ اموليڊ ڊسپلي جڏهن ته پرو ماڊل ۾ 6.56 انچ جو خم ايجز واري اموليڊ ڊسپلي ڏني ويندي.

ويوو ايڪس 70 پرو پلس ۾ 6.7 انچ جي وڏي ڊسپلي 120 هرٽخز ريفريش ريٽ سان گڏ هوندي جڏهن ته ڪوالڪوم جي سنيپ ڊراگون 888 سان ليس هوندي.

ويوو طرفان عالمي سطه تي ايڪس 70 سيريز جا فونز 10 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.