ڪابل ۾ طالبان جي فائرنگ سبب 17 ڄڻا مارجي ويا

 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڪابل تي قبضي کانپوءِ طالبان ملڪ جون واڳون سنڀالي ورتيون آهن ۽ نئين حڪومت جو اعلان به ڪيو ويو آهي.

وڏي عرصي کانپوءِ ملڪ فتح ڪرڻ باوجود طالبان ڪڏهن به صوبي پنجشير ۾ داخل نه ٿي سگهيا ۽ انهن کي وادي ۾ داخل ٿيڻ تي وڏي مزاحمت سان منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

ان حوالي سان طالبان ويڙهاڪن ۽ قومي مزاحمتي فرنٽ افغانستان جي ويڙهاڪن ۾ ڪجهه ڏينهن کان چڪريون ٿي رهيون آهن جڏهن ته طالبان مختلف وقتن ۾ پنجشير تي قبضي جون دعوائون به ڪيون آهن جن کي مزاحمتي ٽولي طرفان رد ڪيو ويندو رهيو آهي.

جئين ئي طالبان طرفان پنجشير صوبي تي قبضي جي خبر ڪابل ۾ پهتي ته طالبان طرفان جشن ملهايو ويو ۽ فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو مارجي چڪا آهن.

غير ملڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پنج شير جي مزاحمتي فورس هن ڀيري به طالبان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته وادي تي انهن جو ئي ڪنٽرول آهي.

افغانستان جي خيبر ايجنسي شمشاد موجب گذريل رات ڪابل ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن ۽ 41 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن اهڙي ئي خبر طلوع نيوز طرفان به ڏني وئي.

ننگر هار جي صوبائي گادي واري هنڌ جلال آباد ۾ هڪ علائقائي اسپتال جي ترجمان گل زاده سانگر ٻڌايو ته ننگر هار جي اوڀري علائقي ۾ جشن دوران ڪيل فائرنگ سبب 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد هوائي فائرنگ جي حوالي سان پيغام جاري ڪندي چيو ته هوائي فائرنگ کان پاسو ڪيو وڃي ڇو ته عوامي کي ڏنل هٿيار عوام جو اثاثو آهن، ڪنهن کي به هٿيارن سان نقصان ڪرڻ جو حق ناهي، گولين سان شهرين کي به نقصان ٿي سگهي ٿو، انڪري هوائي فائرنگ نه ڪئي وڃي.

ٻئي پاسي پنجشير ۾ اڳوڻي مجاهد ڪمانڊر احمد شاهه مسعود جي پُٽ سان گڏ هاڻوڪي نائب صدر امرالله صالح مزاحمتي فورس (اين آر ايف) جي خراب حالت جو اعتراف ڪيو آهي.

امرالله صالح وڊيو پيغام ۾ چيو ته حالتون ڏکيون آهن،اسان جي مٿان يلغار ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ امرالله صالح روايتي شلوار قميص ۾ نظر آيو جيتوڻيڪ هو اولهه لباس کي پسند ڪندڙ طور سڃاتو ويندو آهي.

هن چيو ته مزاحمت جاري آهي ۽ جاري رهندي.

طالبان ۽ مزاحمتي فورس طرفان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنجشير جي ضلعي پاريان ۾ قبضي جون گڏيل دعوائون سامهون اينديون رهيون آهن پر آزاد ذريعن وٽان انهن جي تصديق ناهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.