پوليس جي ڪارروائي، 8 ڪروڙ رپين جي منشيات هٿ

پوليس ڪارروائي ڪندي عالمي نيٽ ورڪ سان سلهاڙيل منشيات فروش کي ساٿين سميت گرفتار ڪري وڏي مقدار منشيات هٿ ڪري ورتي.

ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد اڪبر رياض جوابدارن جي گرفتاري جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي ان ڪارروائي کي اهم قرار ڏنو.

هن ٻڌايو ته ڪراچي جي ضلعي ڪياماڙي جي علائقي موچڪو جي حدن ۾ اهم ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ منشيات جي ڊيلر کي ساٿين سوڌو گرفتار ڪيو ويو.

ڊي آءِ جي موجب جوابدار جي قبضي مان 8 ڪروڙ رپين جي 11 ڪلو آئس، 10 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو، ماضي ۾ ڪڏهن به ايتري مقدار ۾ آئس هٿ ناهي ڪئي وئي.

جاويد اڪبر رياض ٻڌايو ته جوابدار پڇا ڳاڇا دوران عالمي نيٽ ورڪ سان ڪم ڪرڻ جو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڊفينس ڪلفٽن ۾ به هنن جا ماڻهو موجود آهن.

پوليس آفيسر چيو ته اسان سڄي نيٽورڪ جي نشاندهي ڪري ورتي آهي، ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.