آمريڪا پابندين واريون عادتون ڪڍي ڇڏي: ايران

 

تهران(ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن آمريڪا صحافي جي اغوا جي سازش ڪرڻ تي 4 ايراني انٽيليجنس آفيسرن تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

ان حوالي سان ايران جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته آمريڪا کي پابنديون هڻڻ واري عادت ڇڏڻي پوندي.

ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايران پنهنجي انٽيليجنس آفيسرن تي آمريڪي پابندين جي مذمت ڪري ٿو.

ايراني پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي قابل احترام واري ٻولي ۽ عمل اختيار ڪرڻ گهرجي.

ايراني ميڊيا چيو آهي ته گذريل ڏينهن ايران جي چئن انٽيليجنس آفيسرن تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن جو رد عمل ايران طرفان ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.