ڪريلي جي  جوس جا صحت لاءِ فائدا

گرمين ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ڀاڃي ڪريلو انسان جي صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي.

ڪريلو غذائي جزن جو هڪ وڏو ذريعو آهي جنهن جا ڪيترائي فائدا آهن. ڪريلي جو هڪ ڪپ (94 گرام) جوس روزانو انساني صحت لاءِ اثرائتي غذا آهي جيڪو گھڻين بيمارين جو علاج به آهي.

ڪريلي جي جوس بابت هڪ تحقيق مان خبر پئي آهي ته اهو ڪينسر جي سيلز خلاف اثرائتي مدافعت پيدا ڪري ٿو ۽ ڪينسر کي ختم ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪري ٿو.

تحقيق موجب روزانو ڪريلي جو 2 هزار (ملي گرام) جوس پيئڻ سان بلڊ شگر گھٽ ٿئي ٿي.

ڪريلي جو جوس وزن گھٽ ڪرڻ لاءِ هڪ اثرائتو ڊرنڪ آهي ڇو جو ان ۾ گهٽ ڪيلوريز جڏهن ته وڌيڪ فائبر هوندا آهن.

واضح رهي ته ڪريلي ۾ 93 سيڪڙو وٽامن سي هوندي آهي جيڪا بيمارين جي روڪ ٿام، هڏن جي مضبوطي ۽ زخمن جي ٺيڪ ٿيڻ لاءِ هڪ مائڪرو نيوٽرينٽ آهي.

ان ڀاڃي ۾ وٽامن اي 44 سيڪڙو هوندي آهي جيڪا جلد جي صحت لاءِ فائديمند آهي.

ان کان سواءِ ان ۾ 20 سيڪڙو ڪيلوري، 17 سيڪڙو فوليٽ آهي جيڪو واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهي، 8 سيڪڙو پوٽاشيئم، 5 سيڪڙو زنڪ، 4 سيڪڙو آئرن، 4 گرام ڪاربوهائڊريٽ ۽ 2 گرام فائبر شامل آهي جيڪي انساني غذائي جزن جو هڪ ذريعو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.