هوائي ٽيڪسي تيار، آزمائشي اڏام شروع

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هوائي ٽيڪسي تيار ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪيلفورنيا ۾ تيار ڪيل هوائي ٽيڪسي جي ناسا آزمائشي اڏام به شروع ڪري ڇڏي آهي. اليڪٽرڪ ايئرڪرافٽ ۾ ٽيڪ آف ۽ لينڊنگ جي صلاحيت موجود آهي.

تيار ڪيل اها هوائي ٽيڪسي 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامندي  ۽ مستقبل ۾ ان کي ٽيڪسي طور استعمال ڪيو ويندو.

ماهرن موجب ٽيڪسي 2024ع تائين مسافرن لاءِ دستياب هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.