پي ڊي ايم جي لانگ مارچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

 

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو آهي.

بلاول ڀُٽو زرداري اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي لانگ مارچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ ن ليگ جي نائب صدر ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ذريعن موجب ڳالهه ٻولهه دوران بلاول ڀُٽو زرداري پي ڊي ايم جي لانگ مارچ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

شهباز شريف کي ٽيلي فون تي بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته توهان اپوزيشن ليڊر آهيو، ٻاهر نڪرو ۽ ماڻهن کي متحرڪ ڪيو.

جنهن جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته ٻاهر ته نڪرڻو ئي آهي.

ذريعن اهو به ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جي حوالي سان اپوزيشن طرفان گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ٻنهي اڳواڻن ڳالهه ۾ ٻولهه اتفاق ڪيو ته ٻنهي پارٽين کي پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي خلاف ڪهڙي به حد تائين وڃڻو پيو ته وينداسين.

ذريعن اهو به ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن الڪيشن ڪميشن لاءِ پنجاب مان احسن محبوب ۽ راجا عامر خان جي نالي تي صلاح مشورو ڪيو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر سيد پرويز عباس جي نالي تي به غور ڪيو ويو.

ان سان گڏ ٻنهي ڄڻن ڪي پي ڪي مان جسٽس (ر) اڪرام الله خان، فريد الله خان ۽ مزمل خان جي نالي تي به مشاورت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.